اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف کان اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ واپس اچڻ جي درخواست ڪندي عمران خان جي اسپتال منتقلي واري فيصلي جي آجيان ۽ جمهوري روايت قرار ڏنو آهي.
پيپلز پارٽي وفد اپوزيشن اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اپوزيشن چيمبر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي اپوزيشن چيمبر ۾ محمود خان اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ سلمان اڪرم راجا، اسد قيصر، مصطفيٰ نواز کوکر، عامر ڊوگر ۽ عادل بازئي پڻ موجود هئا.
ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري ۽ اپوزيشن اڳواڻن وچ ۾ پارلياماني معاملن ۽ ملڪي سياست تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پڌرائي موجب، بلاول ڀٽو مخالف ڌر اڳواڻن کي پارلياماني ڪميٽين ۾ شامل ٿي سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي اپوزيشن اڳواڻن چيو ته پي ٽي آءِ باني سان صلاح مشوري کانپوءِ پارلياماني ڪميٽين بابت فيصلو ڪيو ويندو.
پيپلز پارٽي ۽ اپوزيشن اڳواڻن پارليامينٽ ۾ قانونسازي بابت رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي چونڊن ۾ شفافيت لاءِ چونڊ سڌارن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏنو.
پيپلز پارٽي عمران خان جي اسپتال منتقلي ۽ علاج واري فيصلي جي آجيان چيو ته عمران خان جي اسپتال منتقلي هڪ جمهوري روايت آهي.
ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته اسان جا ڪو به بئڪ ڊور رابطا ناهن، وزيراعظم سان ملاقات بابت کيس ڪا ڄاڻ ناهي، جڏهن ته لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ بابت فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو.
بلاول جي مخالف ڌر اڳواڻن سان ملاقات، پي ٽي آءِ کي پارلياماني ڪميٽين ۾ واپسي جي درخواست
You might also like