ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار ۽ سياستدان شتروگھن سنها دعويٰ ڪئي آهي ته سندس ڌيءَ سوناڪشي سنها کي سوشل ميڊيا تي نشانو بڻائيندڙ ٽرولنگ پويان مبينا طور تي بي جي پي جو آءِ ٽي سيل ملوث آهي.
سوناڪشي سنها ويجهڙ ۾ دهلي ۾ هڪ شاگرد احتجاج جي حمايت ڪندڙ شروعاتي بالي ووڊ شخصيتن ۾ شامل هئي، جنهن کانپوءِ کيس سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ۽ ٽرولنگ کي منهن ڏيڻو پيو.
آل انڊيا ٽرنمول ڪانگريس (ٽي ايم سي) جي ميمبر شتروگھن سنها ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجي ڌيءَ جي سياسي نظرين، مستقبل ۾ سياست ۾ اچڻ جي امڪان ۽ سندس خلاف هلندڙ آن لائن مهم بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه معاملن ۾ سوناڪشي جا خيال سندس خيالن کان به وڌيڪ مضبوط ۽ واضح آهن.
سوناڪشي جي مستقبل ۾ سياست ۾ اچڻ بابت سوال تي شتروگھن سنها چيو ته هو ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهي، جڏهن ته ماضي ۾ هو پنهنجي ڌيءَ کان ان حوالي سان سوال ڪندو هو، پر هاڻي هو رڳو ايترو چئي سگهي ٿو ته سوناڪشي سندس ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي.
شتروگھن سنها ڌيءَ خلاف سوشل ميڊيا ٽرولنگ تي تنقيد ڪندي دعويٰ ڪئي ته اها ٽرولنگ پاڻمرادو نه ٿي ٿئي، پر ڪجهه ماڻهن کي باظابطا معاوضو ڏئي سوناڪشي کي نشانو بڻايو وڃي ٿو.
هن الزام لڳايو ته سوناڪشي خلاف شور مچائيندڙ ۽ ٽرول ڪندڙ ڪيئي ماڻهو مبينا طور تي ”پئڊ ٽرولز“ آهن ۽ بي جي پي جو آءِ ٽي سيل هن سرگرمي ۾ ملوث آهي.
سينيئر اداڪار موجب، سوناڪشي انهن ماڻهن کي نظرانداز ڪري صحيح فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته سندس ڌيءَ پاڻ به چئي چڪي آهي ته هوءَ ٽرولز کي اهميت نٿي ڏئي.
واضح رهي ته سوناڪشي سنها ان کان اڳ به سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻجي چڪي آهي. ظهير اقبال سان شادي کانپوءِ پڻ اداڪارا کي آن لائن سخت مخالفت ۽ تبصرن کي منهن ڏيڻو پيو هو.
شتروگھن سنها تازو احتجاج دوران سماجي ڪارڪن سونم وانگچڪ جي معاملي جو پڻ ذڪر ڪيو.
سندس چوڻ موجب، جڏهن سونم وانگچڪ کي زبردستي جنتر منتر تان هٽايو ويو ته سوناڪشي ان واقعي جي مذمت ڪندي هڪ وڊيو پڻ جاري ڪئي هئي.
”سوناڪشي جي ٽرولنگ ڪندڙن کي بي جي پي پئسا ڏيندي آهي“ شتروگهن سنها مودي سرڪار جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا
You might also like