استنبول (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي برازيلين فٽبالر رابرٽو ڪارلوس جي اسلام قبول ڪرڻ بابت خبرون سامهون آيون آهن، جڏهن فٽبالر طرفان اڃا تائين ان جي باضابطا تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.
ترڪ حڪمران جماعت جي پارليامينٽ ميمبر علي شاهين دعويٰ ڪئي آهي ته سائو پولو ۾ برازيل جي مسلم برادري جي نمائندن سان ملاقات دوران شيخ جهاد حمادي کيس ٻڌايو ته رابرٽو ڪارلوس ڪجهه عرصي کان سندس رابطي ۾ هو.
علي شاهين موجب، شيخ جهاد حمادي ٻڌايو ته رابرٽو ڪارلوس اٽڪل چار هفتا اڳ ساڻس ملاقات لاءِ آيو، جتي مبينا طور تي هن شهادت وارو ڪلمو پڙهي اسلام قبول ڪيو.
ترڪ پارليامينٽ ميمبر سوشل ميڊيا تي رابرٽو ڪارلوس کي واڌايون ڏيندي سندس ۽ ڪٽنب لاءِ امن، صحت ۽ خوشحالي جي دعا پڻ ڪئي.
واضح رهي ته 53 ورهين جو رابرٽو ڪارلوس جو ڳاڻيٽو فٽبال جي تاريخ جي عظيم ترين رانديگرن ۾ ٿئي ٿو. هن پنهنجي ڪيريئر جو وڏو حصو ريئل ميڊرڊ ۾ گذاريو، جڏهن ته 2007ع ۾ ترڪ ڪلب فنرباغچي جو حصو پڻ رهيو.