عمران خان ڪا ڊيل نه پيو ڪري، باني جو جيل ۾ هئڻ ناحق آهي: پي ٽي آءِ چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته عمران خان ڪا ڊيل نه پيو ڪري.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته وفاقي حڪومت جي نظرثاني درخواست کي اڃا تائين ڪو نمبر الاٽ ناهي ٿيو، منهنجي درخواست آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد ٿيڻ ڏنو وڃي، هن حڪم تائين پهچڻ ۾ اڳ ئي گهڻو وقت لڳي چڪو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جن ماڻهن نورين نيازي جي عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو، انهن پنهنجو واعدو پورو ڪيو، جنهن کي هو ساراهي ٿو.
هن چيو ته نورين نيازي جي عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ساڻس ڳالهه نه ٿي آهي، تنهن هوندي به هن ملاقات کانپوءِ ڳالهه نه ڪري پنهنجي لفظن جو لحاظ رکيو آهي.
بئريسٽر گوهر واضح ڪيو ته عمران خان ڪا ڊيل نه پيو ڪري، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني جو جيل ۾ رهڻ هو ناحق سمجهن ٿا.

You might also like