”چئن صوبن سان پاڪستان نه هلندو، فيصلا ڪندڙ به نوان صوبا چاهين ٿا“فاروق ستار جو ساڳيو رينگٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر فاروق ستار چيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ملڪ ۾ اسٽيٽس ڪو ۽ ماٺار آهي، وڏن صوبن مان پاڪستان کي ترقي ۽ استحڪام نٿو ملي سگهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته جن علائقن ۾ صوبن جي ضرورت آهي، اتي ريفرنڊم ڪرايو وڃي، جڏهن ته آرٽيڪل 239 ۾ به ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ترميم ٿي سگهي ٿي.
فاروق ستار جو چوڻ هو ته 80 سالن کان پاڪستان ۾ اسٽيٽس ڪو ۽ ساڪت آهي، وڏن صوبن مان پاڪستان کي استحڪام ۽ ترقي نٿي ملي سگهي، هاڻي فيصلو ڪندڙ ادارن ۾ به صوبا ٺاهڻ بابت ڳالهه ٿي رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آئين جي ڪا شق نوان صوبا ٺاهڻ ۾ رنڊڪ آهي ته ان کي ختم ڪيو وڃي، چئن صوبن جي اجارا داري سان هاڻي پاڪستان نه هلندو.

 

You might also like