حڪومت عمران خان کي شفا اسپتال منتقل ڪرڻ وارو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) باني عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
نظرثاني جي درخواست چيف ڪمشنر اسلام آباد ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جي ذريعي داخل ڪئي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ 18 آگسٽ تي عبوري حڪم جاري ڪندي پي ٽي آءِ باني کي شفا اسپتال منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، عدالتي حڪم ٻڌڻي واري اختيار کان ٻاهر آهي، تنهن ڪري ان تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ عمران خان کي خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائيندي معاملي تي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو.
پاڪستان تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو هو ته پي ٽي آءِ عدالتي فيصلي جو احترام ڪندي ۽ عمران خان جي سياست بابت ڪنهن به قسم جي سياست نه ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ اشارو ڏنو هو ته وفاقي حڪومت عمران خان کي خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن باني پي ٽي آءِ جو ڪنهن سرڪاري اسپتال مان طبي معائنو ڪرايو وڃي.

You might also like