اسلام آباد(بيورو)پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري سپريم ڪورٽ طرفان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي شفا اسپتال منتقل ڪرڻ واري فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ”هن فيصلي تي من و عن عمل“ ڪيو ويندو.هن اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي سينيٽرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته عدالتون ئي اهو واحد ذريعو آهن، جن ذريعي سندن جماعت لاءِ ڪو رستو نڪري سگهي ٿو.هوڏانهن وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله عمران خان بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آزاداڻي ۽ ميرٽ تي ٻڌل آهي، پي ٽي آءِ گهيراءُ ڪرڻ بدران قانوني رستو اختيار ڪري ها ته کيس اڳ ئي رليف ملي وڃي ها.رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف وڏي دير ڪئي، سڌو رستو اهو ئي هو. تحريڪ انصاف صحيح فورم تي ڪيس رکيو، جنهن جو فيصلو ميرٽ موجب آيو آهي. تحريڪ انصاف اڄ عدالت جي تعريف ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ کي گهرجي ته جڏهن فيصلو پنهنجي پسند جو نه هجي، تڏهن به عدالتن جو احترام ڪري.مخالف ڌر سان ڳالهين بابت رانا ثناءُ الله چيو ته ڳالهين بابت وزيراعظم جي آڇ ڪافي عرصي کان موجود آهي، پر مخالف ڌر طرفان ان تي ڪو مثبت ردعمل نه مليو آهي.نئين صوبن بابت سندس چوڻ هو ته صوبن جي معاملي تي هن وقت تائين رڳو بحث خاطر بحث ٿي رهيو آهي. جڏهن ڪا واضح ڳالهه سامهون ايندي ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي راءِ قائم ڪندي.