سنڌ ۾ ميرٽ جي بحالي لاءِ 26 هين ڏينهن به ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر(سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف اسٽوڊنٽس ايڪشن جي ڪميشن جي آفيس سامھون احتجاجي ڪيمپ 26 ڏينھن ۾ داخل ٿي وئي. ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ جاڳرتا مھم جي سلسلي ۾ پھچي شاگردن آڏو سنڌ اندر ميرٽ جي لتاڙ خلاف نقطه نظر رکيو ، ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چواڻي ته شاگردن کين ڀرپور موٽ ڏني آھي ، شاگرد ايڪشن ڪميٽي ايندڙ ھفتي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کان ڄامشوري ڦاٽڪ تائين شاگرد مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ڪالھ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر زبيع الله مستوئي،وجاھت ھنگورجو،وحيد چنڙ ،صوفي ڪامران، فخرالزمان کونھارو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انگلش ، پوليٽيڪل سائنس جي شعبن سينٽرل لائبريري، ڪينٽين ۾ وڃي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن بابت انگ اکر رکي شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ اسان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ متاثر ٿيا آھيون ۽ سڀاڻي اوھان جو وارو اچڻو آھي اسان ھن تحريڪ ذريعي پنھنجو ۽ اوھان سنڌ جي نوجوانن جو مستقبل بچائڻ گھرون ٿا شاگردن سان مخاطب ٿيندي سنڌ يونيورسٽي انگلش ڊيپارٽمينٽ  ۾ ڳالھائيندي  فخرالزمان کونهارو چيو ته ميرٽ جو مسئلو نه صرف مردن جو پر ان سان گڏوگڏ نياڻين جو به آهي ان لاءِ ضروري آهي ته شاگردياڻيون به ميرٽ جي بحالي لاءِ اڳيان اچن ۽ آواز اٿارين،اڳواڻن چيو ته سنڌيونيورسٽي مان کين زبردست موٽ ملي آھي اڳواڻن سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري کان ڄامشوري ڦاٽڪ تائين نڪرندڙ شاگرد مارچ ۾ سمورين يونيورسٽين جي استادن ۽ ملازم تنظيمن جي اڳواڻن اديبن ۽ دانشورن کي به شرڪت جي دعوت ڏني آھي ھوڏانھن احتجاجي ڪيمپ تي شاگردن سان سول سوسائٽيءَ، وڪيلن ، ليکڪن ۽ سياسي ڪارڪنن جي وفدن ملاقات ڪري کين حمايت جو يقين ڏياريو

You might also like