سانگهڙ جي اڳوڻي ايس ايس پي،ڪلارڪ ۽ ڪانسٽيبل خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل

ميرپورخاص(رپورٽ: غفار رند) سانگهڙ ۾ اڳوڻي ايس ايس پي سميت ٽن ڄڻن خلاف مبينا مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) جي اينٽي مني لانڊرنگ سرڪل سکر اڳوڻي ايس ايس پي سانگهڙ عابد علي بلوچ، ڪلارڪ غلام سرور ۽ ڪانسٽيبل ممتاز علي خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪيس جي متن موجب اڳوڻي ايس ايس پي عابد علي بلوچ، ڪلارڪ غلام سرور ۽ ڪانسٽيبل ممتاز علي تي الزام آهي ته هنن مبينا طور ڏوهه مان حاصل ٿيل رقم کي سفيد ڪرڻ لاءِ سانگهڙ جي چڪ 36 واري علائقي ۾ 100 ايڪڙ زرعي زمين خريد ڪئي ۽ اصل ملڪيت لڪائڻ لاءِ اها زمين مبينا طور فرنٽ مين جي نالي منتقل ڪرائي. ايف آءِ آر موجب مذڪوره زرعي زمين جي ماليت تقريباً 8 ڪروڙ رپيا آهي، جڏهن ته زمين جي رجسٽري 8 جنوري 2026ع تي ٿي. ايف آءِ اي موجب زمين جي خريداري ۾ مبينا طور اسمگلنگ مان حاصل ٿيل رقم استعمال ڪئي وئي. ايف آءِ اي پاران ڪيس اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ 2010ع جي قلم 3 ۽ 4 تحت داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. ڪيس ۾ لڳايل الزامن جي حتمي حيثيت جاچ ۽ قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سامهون ايندي.

You might also like