سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال ۾ اسان کي نعرا هڻڻ کان وڌيڪ ٿڌي دماغ سان سوچڻ جي ضرورت آهي. اسان سنڌ جي وحدت، سڃاڻپ، وسيلن ۽ سياسي حقن جي دفاع لاءِ آواز بلند ڪريون ٿا، مخالف ڌرين جي پاليسين تي تنقيد ڪريون ٿا ۽ سندن موقف کي رد ڪريون ٿا؛ پر ڇا اسان سان انهن جي ڳالهه کي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ ته مدد نٿا ڪريون؟
هي سوال معمولي ناهي
. ان کي سمجهڻ لاءِ هڪ سادو مثال ڪافي آهي. جڏهن ڪو شخص ڪنهن ڪمپنيءَ جو سيلز مين بڻجي ٿو ته ڪمپني کيس پنهنجي پراڊڪٽ، ان بابت معلومات ۽ تربيت ڏئي مارڪيٽ ۾ موڪليندي آهي. سيلز مين جو ڪم هوندو آهي ته پنهنجي ڪمپنيءَ جي پراڊڪٽ کي وڌيڪ کان وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائي، ان جي تعريف ڪري ۽ گراهڪن کي ان ڏانهن راغب ڪري. جيڪڏهن اهو سيلز مين پنهنجي پراڊڪٽ سان گڏ ڪنهن ٻئي ڪمپنيءَ جي پراڊڪٽ جو نالو به هر دڪان تي کڻي وڃي، ان جي پيڪنگ، نالو، خاصيتون ۽ نعرا گراهڪن کي ٻڌائي، ته پوءِ هو عملي طور تي پنهنجي مقابلي واري ڪمپنيءَ جي به مفت تشهير ڪري رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي به صورتحال گهڻي مختلف ناهي. اسان جنهن شخص، ڌر يا موقف کي رد ڪريون ٿا، جيڪڏهن ان جي هر پريس ڪانفرنس، هر اشتعال انگيز بيان، هر وڊيو، هر ڪلپ ۽ هر تڪراري جملو اسان پاڻ هزارين ماڻهن تائين پهچايون ٿا، ته پوءِ اسان کي هڪ لمحي لاءِ ضرور سوچڻ گهرجي ته اسان واقعي مخالفت ڪري رهيا آهيون يا ان جي ڳالهه کي وڌائي رهيا آهيون؟ مخالفت ۽ تشهير ۾ فرق آهي.
اڄ جو دور صرف روايتي سياسي جدوجهد جو دور ناهي؛ هي اطلاعات، بيانيي ۽ عوامي راءِ جي جنگ جو دور پڻ آهي. جيڪو ڌر پنهنجي ڳالهه کي ماڻهن جي ذهنن تائين وڌيڪ منظم انداز ۾ پهچائي ٿي، اها راءِ سازيءَ ۾ وڌيڪ اثر پيدا ڪري ٿي. اهڙي صورتحال ۾ مخالف جي هر ڳالهه کي جذبات ۾ اچي وائرل ڪرڻ، سندس موقف کي رد ڪرڻ بدران ڪڏهن ڪڏهن ان کي وڌيڪ طاقتور بڻائي سگهي ٿو. اسان کي پاڻ کان ڪجهه بنيادي سوال ڪرڻ گهرجن: اسان ڪنهن جي ڳالهه کي مارڪيٽ ڪري رهيا آهيون؟ ڇا اسان جذباتي ردعمل ۾ اهڙو مواد وائرل ڪري رهيا آهيون، جنهن کي نظرانداز ڪرڻ ئي وڌيڪ مؤثر هجي؟ ڇا اسان جو هر شيئر اسان جي پنهنجي موقف کي مضبوط ڪري ٿو يا مخالف جي پهچ وڌائي ٿو؟ ڇا اسان پنهنجي سنڌ، پنهنجي مقصد ۽ پنهنجي سياسي موقف سان ايترا ئي ايماندار آهيون، جيترا پنهنجي جذبات سان؟ ۽ سڀ کان اهم سوال: ڇا مان سڀ کان پهريان شيئر ڪيان واري ڊوڙ اسان کي ڪنهن ٻئي جو بغير پگهار وارو سيلز مين ته نٿي بڻائي؟ هي سوال خاص طور تي انهن سڀني لاءِ اهم آهي، جيڪي سنڌ سان محبت ڪن ٿا، سنڌ جي وحدت کي پنهنجي سياسي ۽ قومي سڃاڻپ جو حصو سمجهن ٿا ۽ سنڌ جي وسيلن ۽ حقن جي تحفظ لاءِ آواز بلند ڪن ٿا.
سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به سنڌ جي وجود، وحدت، وسيلن يا سياسي حقن کي خطرو محسوس ٿيو آهي، سنڌ جي عوام مزاحمت ڪئي آهي. پر هر دور جي جدوجهد جو پنهنجو طريقو هوندو آهي. اڄ جي دور ۾ موبائيل فون، فيس بڪ، ايڪس، يوٽيوب، ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين ڊجيٽل پليٽفارمن کي سمجهڻ ۽ ذميواريءَ سان استعمال ڪرڻ به سياسي شعور جو حصو آهي. اسان وٽ هٿيار شايد نه هجن، پر اسان وٽ لفظ، دليل، معلومات ۽ لکين ماڻهن تائين پهچ ضرور آهي. ان طاقت جو صحيح استعمال ڪرڻ لاءِ جذبات کان وڌيڪ حڪمت جي ضرورت آهي.
جيڪڏهن ڪو مخالف سنڌ بابت اشتعال انگيز ڳالهه ڪري ٿو ته اسان جو ڪم اهو ناهي ته ان جي هر لفظ کي ڪاپي ڪري، اسڪرين شاٽ ٺاهي، وڊيو ڪلپ ڪٽي ۽ بار بار شيئر ڪري ان کي وڌيڪ مشهور ڪريون. اسان جو ڪم آهي ته پنهنجو ڪيس پيش ڪريون. مخالف جي گار جو جواب گار سان ڏيڻ بدران دليل سان ڏيون. مخالف جي پروپيگنڊا جو جواب پنهنجي حقيقتن سان ڏيون. مخالف جي شور جو جواب پنهنجي شعور سان ڏيون. ڇو ته جڏهن اسان پنهنجو موقف مدبرانه، دليل سان ۽ مسلسل پيش ڪريون ٿا ته اسان پنهنجي ڳالهه کي مضبوط ڪريون ٿا. ان جي ابتڙ، مخالف جي هر ڳالهه کي وائرل ڪرڻ سان اسان ان جي سياسي ۽ ميڊيا پهچ کي وڌائي سگهون ٿا. ان ڪري سنڌ جي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کي هاڻي هڪ نئين قسم جي ڊجيٽل ڊسپلن جي ضرورت آهي.
هر شيئر کان اڳ هڪ ننڍڙو سوال: هن پوسٽ کي شيئر ڪرڻ سان فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟ جيڪڏهن جواب اهو هجي ته مخالف جو نالو، موقف يا پروپيگنڊا وڌيڪ ماڻهن تائين پهچندو، ته پوءِ شايد ان کي شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ ئي وڌيڪ عقلمندي هجي. ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته اسان اختلاف ختم ڪري ڇڏيون يا مخالف جي ڳالهه جو جواب نه ڏيون. ان جو مطلب صرف اهو آهي ته اسان مخالف جي ايجنڊا جي رفتار پنهنجي هٿن سان نه وڌايون. اسان کي پنهنجي پراڊڪٽ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
اسان جي پراڊڪٽ ڇا آهي؟ سنڌ جي وحدت، سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت، سنڌو درياهه، سنڌ جي وسيلن جا حق، آئيني حق، جمهوري قدر، امن، رواداري ۽ سنڌ جي عوام جو پنهنجو موقف. انهن شين کي دنيا تائين پهچائڻ لاءِ اسان وٽ هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي، جيڪو گذريل نسلن وٽ موجود ئي نه هو. هڪ عام ماڻهو اڄ پنهنجي موبائيل فون ذريعي لکين ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائي سگهي ٿو. هي طاقت جيڪڏهن شعور سان استعمال ٿئي ته وڏي سياسي ۽ سماجي قوت بڻجي سگهي ٿي؛ ۽ جيڪڏهن جذباتي جلدبازيءَ سان استعمال ٿئي ته ساڳيو اوزار اسان جي مخالفن لاءِ مفت جو ميڊيا چينل پڻ بڻجي سگهي ٿو. تنهنڪري اسان کي پنهنجي سوشل ميڊيا جي استعمال ۾ هڪ بنيادي فرق پيدا ڪرڻو پوندو: مخالف جي نالي کي مشهور ڪرڻ بدران پنهنجي موقف کي مشهور ڪريو. مخالف جي بيان کي وائرل ڪرڻ بدران پنهنجي دليل کي وائرل ڪريو. مخالف جي اشتعال کي وڌائڻ بدران پنهنجي شعور کي وڌايو. هي ذميواري رڳو عام سوشل ميڊيا صارف جي ناهي؛ سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذميواري به ان کان گهٽ ناهي.
هر اشتعال انگيز بيان کي وڏي هيڊ لائن بڻائڻ ضروري ناهي. هر پريس ڪانفرنس کي لائيو نشر ڪرڻ صحافتي فرض ناهي. ميڊيا وٽ اهو اختيار هجڻ گهرجي ته هو فيصلو ڪري ته ڪهڙي ڳالهه عوامي مفاد ۾ نشر ڪرڻ ضروري آهي ۽ ڪهڙي ڳالهه صرف ڪنهن ڌر جي تشهير جو ذريعو بڻجي سگهي ٿي. خاموشي هميشه ڪمزوري ناهي؛ ڪڏهن ڪڏهن خاموشي هڪ حڪمتِ عملي هوندي آهي. ساڳيءَ طرح، مخالف جو نالو نه وٺڻ به بزدلي ناهي. جيڪڏهن ڪنهن جي سڃاڻپ کي بار بار ورجائڻ سان ان جي شهرت ۽ پهچ وڌي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن ان کي صرف اشرافيه، ڀائي لوگ يا مخالف ڌر چئي پنهنجي ڳالهه تي ڌيان رکڻ وڌيڪ مؤثر ٿي سگهي ٿو. اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن به سياسي جدوجهد ۾ هر جنگ وڙهڻ ضروري ناهي، هر جملو جواب ڏيڻ ضروري ناهي ۽ هر مخالف کي مشهور ڪرڻ ته بلڪل ضروري ناهي. ڪڏهن ڪڏهن سڀ کان طاقتور جواب اهو هوندو آهي ته توهان مخالف جي چونڊيل ميدان ۾ نه وڃو، پر پنهنجو ميدان چونڊيو ۽ پنهنجي بيانيي کي اڳتي وڌايو.
سنڌ جي دوستن کي هاڻي صرف جذباتي اتحاد نه، پر فڪري اتحاد، ميڊيا ڊسپلن ۽ حڪمتِ عملي واري اتحاد جي ضرورت آهي. اسان کي پنهنجي ذهن کي به آزاد رکڻو آهي ۽ پنهنجي موبائيل کي به ذميواريءَ سان استعمال ڪرڻو آهي. جيڪو مواد سنڌ جي موقف کي مضبوط نٿو ڪري، ان کي وائرل ڪرڻ کان اڳ سوچيو. جيڪو مواد مخالف جي تشهير ڪري ٿو، ان کي مفت ۾ پنهنجي پليٽ فارم تان مارڪيٽ نه ڪريو. ڇو ته آخرڪار سوال اهو ناهي ته اسان مخالف جي باري ۾ ڪيترو ڳالهايو؛ سوال اهو آهي ته اسان سنڌ جي باري ۾ ڪيترو ۽ ڪهڙي معيار سان ڳالهايو. اسان جي منزل مخالف جو نالو مشهور ڪرڻ نه، پنهنجو موقف مضبوط ڪرڻ هجڻ گهرجي ۽ ان لاءِ آخري ڳالهه ٻيهر: پنهنجي پراڊڪٽ کپايو، ڪنهن ٻئي جا بغير پگهار جي سيلز مين نه بڻجو! سوچڻ تي ڪو خرچ نٿو اچي، پر غلط ڳالهه کي وائرل ڪرڻ جي قيمت ڪڏهن ڪڏهن تمام وڏي هوندي آهي.