ڪراچي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران بلاول هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڪراچي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ بلاول هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس ليڊي هيلٿ ورڪرز کي بلاول هائوس ڏانهن وڃڻ کان روڪي ورتو، ٽي تلوار تي ڌرڻو هنيو ويو، ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران حليمه لغاري جي اڳواڻي ۾ تي تلوار تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت ليڊي هيلٿ ورڪرز جي پروگرام کي خانگائڻ چاهي پئي، بجيٽ به خانگي ڪمپني حوالي ڪرڻ چاهي پئي، اسان پنهنجي مطالبن وارو چارٽ کڻي پرامن ڌرڻي لاءِ بلاول هائوس وڃي رهيا هئاسين ته پوليس روڪيو آهي، مختلف ضلعن کان آيل ڪيترن ئي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پوليس گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي کڻي وئي آهي، اسان جي گرفتار ڪيل ساٿين کي آزاد ڪري اسان جا مطالبا پورا ڪيا وڃن.

You might also like