رڳو جشن نه: ڪجهه پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺو

علي محمد ڍلون

پاڪستان کي قائم ٿئي 79 سال گذري چڪا آهن، هر طرف گهل مهل لڳي پئي هئي. اربين رپيا خرچ ڪري تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. ڪٿي باجن جو شور آهي ته ڪٿي سائلنسر ڪڍيل موٽر گاڏين جو گوڙ مهم هلائي وئي ته اسان هي ڪري ڇڏيو، هو ڪري ڇڏيو، پر عملي ڪم ڪٿي به نظر نٿو اچي. ملڪ جي عالمي سطح تي رينڪنگ ۾ ڪا خاص تبديلي نه اچي رهي آهي، حالانڪه هي ملڪ جن عظيم قربانين جي عيوض حاصل ٿيو، شايد اسان ان جو ڏهون حصو به حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. پر جشن ملهائڻ ۾ اسان کان اڳتي ڪو به ناهي. اسان جي حالت ته اهڙي آهي، جو جنهن گهر ۾ رهون ٿا، ان جي ٻاهران صفائي ڪندا رهون ٿا. ڪڏهن گهر جي سامهون صفائي ڪريون ٿا، ڪڏهن پٺئين ڪوريڊور کي صاف ڪريون ٿا، ڪڏهن ساڄي ۽ کاٻي پاسي صفائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، پر گهر جي اندر صفائي ڪرڻ کي ڪا ترجيح ئي نٿا ڏيون.

14  آگسٽ تي اسان فخر ڪندا آهيون ته اسان شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. ڪڏهن فخر ڪندا آهيون ته اسان ايٽمي طاقت آهيون، ڪڏهن چوندا آهيون ته دنيا ۾ اسان جو وڏو نالو ٿي ويو آهي، ڪڏهن چوندا آهيون ته دنيا جا سڀ کان وڏا ثالث اسان ئي آهيون. پر جڏهن پنهنجي پاسپورٽ کي ڏسون ٿا ته اهو 105 ملڪن مان 101هين نمبر تي آهي. يعني پاڪستان دنيا جي چوٿين ڪمزور ترين پاسپورٽ جي حيثيت رکي ٿو؛ اسان کان هيٺ صرف افغانستان، شام ۽ عراق آهن. جڏهن ته هن سال جي شروعات ۾ پاڪستان 98هين نمبر تي هو، يعني بهتري ته ٿيڻِي هئي، پر ان جي بدران ٽي درجا وڌيڪ هيٺ لهي آياسين. حالانڪه جن ملڪن کي اسان هٿيار فراهم ڪريون ٿا، جن جي حفاظت جا ٺيڪا وٺون ٿا ۽ جن کي ٽيڪنالاجي فراهم ڪريون ٿا، انهن جا پاسپورٽ اسان کان وڌيڪ مضبوط آهن. اسان ته ماشاءَالله سچ ڳالهائڻ وارن ملڪن ۾ آخري نمبرن تي آهيون، ڪرپٽ ترين ملڪن جي فهرست ۾ پهرين ڏهن نمبرن ۾ شامل آهيون، منظم ملڪن جي فهرست ۾ ته اسان جو نالو ئي نٿو اچي. عدليا جي رينڪنگ ۾ اسان جو نمبر 144هون آهي. پر اچو ته انهن شين جي ڳالهه ئي نه ڪريون، ڇو ته سڀ کان پهرين توهان جي سڃاڻپ ۽ حيثيت توهان جي پاسپورٽ مان ظاهر ٿيندي آهي. ماڻهو توهان جو پاسپورٽ ڏسي اندازو لڳائين ٿا ته هن ملڪ جو سفر ڪرڻ گهرجي يا نه. هو اهو به سمجهن ٿا ته هي ملڪ محفوظ آهي يا نه. عالمي رينڪنگ ايتري معتبر هوندي آهي، جو ملڪ جي حالتن کي ڏسي اهو پرکيو ويندو آهي ته توهان جا ماڻهو ڪيترا پرامن آهن. هر شيءِ کي جانچڻ کان پوءِ رينڪنگ ڪئي ويندي آهي.

اهو ڏٺو ويندو آهي ته توهان پنهنجي شهرين کي ڪيترا حق ڏئي رهيا آهيو، پوءِ ڏٺو ويندو آهي ته عوام جو طرزِ زندگي ڪهڙو آهي. ان کان پوءِ امن امان جي صورتحال کي جانچيو ويندو آهي. رينڪنگ اسان جهڙي ڪنهن سفارشي ملڪ جي بنياد تي تيار نه ٿيندي آهي، پر ميرٽ تي تيار ٿيندي آهي. تڏهن ته هن وقت دنيا تي حڪمراني ڪندڙ آمريڪا به پنهنجو پاسپورٽ پهرين نمبر تي نه آڻي سگهيو آهي. اسان کي جشن آزادي ضرور ملهائڻ گهرجي، پر ان ڏينهن جي مقصد کي به نه وسارڻ گهرجي. مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن توهان حڪومت ۾ آهيو ته توهان کي عام ماڻهو جي حقن جو خيال رکڻو آهي، ۽ جيڪڏهن توهان عام شهري آهيو ته توهان کي پنهنجي وطن جي حفاظت جي ذميواري کڻڻي آهي. پر هن وقت ته اسان جو ڪو به شهري حلال جي ڪمائي مان بجلي جو بل به ادا ڪرڻ کان لاچار آهي. حلال جي ڪمائي مان ٻارن جا تعليمي خرچ پورا نٿو ڪري سگهي. حلال جي ڪمائي سان گهر نٿو هلائي سگهي.

اسان جي پوليس عدالت کان مٿانهان قتل ڪري رهي آهي، ٿاڻن ۾ زيادتيون ٿي رهيون آهن، ماڻهن کي انصاف نٿو ملي. طاقتور جي عزت آهي، جڏهن ته ويچاري ڪمزور کي دٻايو وڃي ٿو. قوم کي ذهني ۽ معاشي طور ايترو مفلوج ڪيو ويو آهي، جو اسان وٽ حلال ۽ حرام جي سڃاڻپ ئي ختم ٿي چڪي آهي. هاڻي پوليس، واپڊا، ڪسٽمز ۽ ٻين کاتن ۾ ماڻهو پنهنجن ٻارن کي رڳو ان لاءِ ڀرتي ڪرائڻ چاهين ٿا ته اهي حلال يا حرام طريقي سان پئسا ڪمائي سگهن. جڏهن قوم جي سوچ ئي اهڙي بڻجي وئي آهي ته پوءِ اسان ڪهڙو جشن ملهايون؟ ها، اسان کي پاڪستان جي قيام جي ايتري ئي خوشي آهي، جيتري هڪ عام محب وطن پاڪستاني کي هئڻ گهرجي، پر هي وقت صرف جشن جو ناهي، پنهنجي پاڻ کي سڌارڻ جو وقت آهي. غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوڻ جو وقت آهي.

جيڪڏهن اسان جون سياسي پارٽيون پنهنجي مرضي جا بيوروڪريٽس مقرر ڪرائينديون، پنهنجي مرضي جا ايس ايڇ اوز يا پوليس آفيسر مقرر ڪرائينديون ته هي ملڪ ڪهڙي ريت ترقي ڪندو؟ اسان بدديانتين جي ڪري اڄ دنيا ۾ رسوا ٿي رهيا آهيون. دنيا چوي ٿي ته هي اهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي ڪوڙ ڳالهائڻ وارن ۾ سڀ کان اڳتي آهن. دنيا چوي ٿي ته هي انصاف فراهم ڪرڻ وارن ۾ به شامل ناهن. دنيا چوي ٿي ته هي سانحه ماڊل ٽائون جي شهيدن جي قاتلن کي اڄ تائين سزا نه ڏئي سگهيا. هي ساهيوال سانحي واري ڪيس ۾ به ڪنهن کي سزا نه ڏئي سگهيا.

اسان دنيا آڏو شرمسار آهيون ته اسان ڀُٽي جهڙي اڳواڻ کي سياست جي ور چاڙهي ڇڏيو. اسان شرمسار آهيون ته اسان قائداعظم کي صحيح علاج فراهم نه ڪري سگهياسين. اسان شرمسار آهيون ته ڪجهه ڪيسن ۾ عدالتون رات جو 12 وڳي به کلي وڃن ٿيون، پر لکين ڪيسن جا فيصلا ڪيترن ئي سالن تائين نٿا ٿين. اسان شرمسار آهيون. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڪنهن جي ڪهڙي جرئت هجي ها، جو هڪ رپئي جي به ڪرپشن ڪري سگهي؟ اسان شرمسار آهيون ته ڪيترائي بيگناهه جيلن ۾ ئي مري ويا ۽ انهن جي مرڻ کان پوءِ آزادي جا حڪم جاري ٿيا. اسان شرمسار آهيون ته هتي 10 رپين جي ڪرپشن ڪندڙ آفيسر جي ترقي نٿي ٿي سگهي، پر ڇا انصاف آهي جو ڪيترن ئي ڪيسن کي منهن ڏيندڙ شخص کي وڏو وزير يا وڏو عهدو ڏئي ڇڏيو وڃي؟ مطلب جنهن تي جيترا وڌيڪ ڪيس هجن، ان کي اوترو ئي وڏو عهدو ملي وڃي! اسان شرمسار آهيون ته مسلم ليگ به اها مسلم ليگ نه رهي، يعني قائداعظم جي مسلم ليگ هاڻي سرمائيدارن سنڀالي ورتي آهي. جيڪو جيترو پئسو لڳائيندو، اوترو ئي ڪمائيندو.

پيپلزپارٽي به هاڻي ڀُٽي جي پيپلزپارٽي نه رهي آهي، بلڪه اتي معاملا طئي ڪندڙ بهترين دماغ ويٺل آهن، جن کي نه عوام سان ڪو سروڪار آهي ۽ نه ئي عوامي مسئلن سان ڪو واسطو. پر 14 آگسٽ! اسان توهان کان شرمسار آهيون ته هتي اهڙو ڪجهه به نٿو ٿئي. هتي اربين رپيا هڙپ ڪرڻ کان پوءِ به اقتدار ملي ٿو ۽ درجنين قتلن کان پوءِ به وزارتون ملي وڃن ٿيون، جڏهن ته خان جهڙا سياستدان رڳڙي ۾ اچي وڃن ٿا ته هو ”بي ايمان“ آهن! واهه ڙي قسمت!

You might also like