آزادي جي قيمت رڳو اسان ئي ادا ڪئي آهي ۽ قدر به اسانکي ئي آهي: خالد مقبول صديقي

ڪراچي(ويب ديسڪ)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي چيو آهي ته هي شهر مڪمل پاڪستان به آهي ۽ مني پاڪستان به آهي.

14 آگسٽ جي مناسبت سان ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران فاءِ اسٽار چورنگي تي تقريب منعقد ڪئي وئي.

ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي چيو ته اسان تمام خوش نصيب آهيون جو آزادي ملي، پر اسان بدقسمت آهيون جو اسان آزادي جو قدر نه ڪيو. ان جي قيمت رڳو اسان ادا ڪئي آهي، تنهنڪري ان جو قدر به اسان کي ئي آهي.

تقريب کي خطاب ڪندي فاروق ستار چيو ته پاڪستان کي اجاراداري کان آزاد ڪرائينداسين. اجاراداري ختم ۽ شراڪتداري شروع ٿيندي ته ئي حقيقي آزادي ملندي. جڏهن انتظامي يونٽ قائم ٿيندا ته انهن مان هڪ يونٽ اسان جو به هوندو.

You might also like