ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ سنڌ جو صفِ اول وارو ڪردار آهي ۽ هميشه رهندو.
ڪراچي ۾ مزارِ قائد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اڄ گورنر ۽ ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ مزارِ قائد تي حاضري ڀري آهي ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ دعائون گهريون آهن.
وڏي وزير چيو ته 10 آڪٽوبر 1938ع تي سنڌ عيدگاهه ميدان ۾ هڪ قرارداد پيش ڪئي هئي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ٻيهر قرارداد پيش ڪئي وئي. اسان کي قائداعظم جي اصولن تي هلڻ گهرجي ۽ سڀني کي متحد رهڻ گهرجي.
هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ايٽمي طاقت جا باني آهن، هنن شهادت قبول ڪئي پر گوڏا نه کوڙيا. شهيد بينظير ڀٽو به شهادت قبول ڪئي، پر پاڪستان جي سالميت تي ڪڏهن به آنچ اچڻ نه ڏني.
مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو مشڪل وقت ۾ پرڏيهي وزارت جون واڳون سنڀاليون، جڏهن ڀارت اسان ڏانهن ميري نظر سان ڏٺو ته قوم متحد ٿي وئي.
هن وڌيڪ چيو ته نوجوانن سميت سمورن شعبن سان لاڳاپيل ماڻهو متحد رهن. هن فلسطينين تي اسرائيل جي ظلمن جي مذمت پڻ ڪئي.