ڪراچي: هوٽل جي ميز تي پسٽول رکي ماني کائڻ دوران فائر، عورت مارجي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي پاپوش نگر واري علائقي ۾ حادثاتي طور گولي هلڻ سبب عورت فوت ٿي وئي

پوليس موجب واقعو پاپوش نگر صرافا بازار ڀرسان هڪ هوٽل ۾ پيش آيو، جتي جوابدار عمران هوٽل اندر کاڌي جي ميز تي پسٽول رکيو ته چيمبر ۾ موجود گولي حادثاتي طور فائر ٿي وئي، جيڪا سامهون ويٺل سندس سوٽ ندا جي سيني ۾ لڳي.

گولي لڳڻ سبب ندا سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي ويجهو ئي موجود عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هوءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.

پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدار عمران کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب جوابدار جاچ دوران فائرنگ ۽ عورت جي فوت ٿيڻ ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

You might also like