ٽن مهينن ۾ پاڪستان جي ٻاهرين قرضن ۾ 1242 ارب رپين جي واڌ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي پرڏيهي قرضن ۾ گهٽتائي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ شروع ٿي وئي

سرڪاري دستاويز موجب رڳو 3 مهينن دوران ملڪ جي پرڏيهي قرضن ۾ 1242 ارب رپين کان وڌيڪ واڌ ٿي آهي.

دستاويز موجب ساڳئي عرصي دوران حڪومت جي مجموعي قرضن ۾ 3112 ارب رپين جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ حڪومت جا مجموعي ملڪي قرض 59 هزار 441 ارب رپين تائين پهچي ويا آهن.

مارچ 2026ع کان جون 2026ع دوران حڪومت جي ملڪي قرضن ۾ 1870 ارب رپين کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.

دستاويز موجب مارچ 2026ع تائين پاڪستان جو مجموعي پرڏيهي قرض 22 هزار 958 ارب رپيا هو، جيڪو جون 2026ع تائين وڌي 24 هزار 200 ارب رپين تائين پهچي ويو.

ان کان اڳ 2026ع جي پهرين ٽن مهينن دوران پرڏيهي قرضن ۾ 207 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي هئي، جڏهن ته جون 2025ع کان مارچ 2026ع تائين پرڏيهي قرضن ۾ 458 ارب رپين تائين گهٽتائي ٿي هئي.

دستاويز موجب مارچ کان جون 2026ع دوران ڊگهي مدي وارن پرڏيهي قرضن ۾ نمايان واڌ ٿي. مارچ 2026ع ۾ پاڪستان جا ڊگهي مدي وارا پرڏيهي قرض 19 هزار 720 ارب رپيا هئا، جيڪي جون 2026ع تائين وڌي 21 هزار 768 ارب رپين تائين پهچي ويا.

ٻئي طرف، ٽن مهينن دوران مختصر مدي وارا پرڏيهي قرض 506 ارب رپيا گهٽ ٿي ويا آهن.

You might also like