آمريڪي سائنسدانن جي تازي تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪلاڪن تائين هلڪي ورزش ڪرڻ بدران ڪجهه منٽن جي انتهائي سخت ورزش جسم کي وڌيڪ طبي فائدا پهچائي ٿي.
جرنل ”سيل رپورٽس ميڊيسن“ ۾ ڇپيل تحقيق موجب ايڪسرسائز سائيڪل تي 30، 30 سيڪنڊن جي انتهائي تيز رفتار سائيڪلنگ، جنهن دوران 4 منٽن جو وقفو رکيو ويو، رت ۾ صحت سان لاڳاپيل 714 پروٽينن ۾ مثبت تبديليون آنديون. ان جي ڀيٽ ۾ عام رفتار سان سائيڪل هلائڻ سان رڳو 7 پروٽين متاثر ٿيا.
تحقيق موجب هن سخت ورزش سان ”Lac-Phe“ نالي ماليڪيول جي مقدار وڌي وڃي ٿي، جيڪو بک کي ڪنٽرول ڪرڻ سان گڏ چرٻي وارن خلين ۾ 1600 کان وڌيڪ جينز کي فعال ڪري چرٻي ڳارڻ جي صلاحيت وڌائي ٿو.
53 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ڊيٽا جي تجزيي مان معلوم ٿيو ته هن ورزش سان فعال ٿيندڙ پروٽين دل جي بيمارين، ٽائپ-2 ذيابيطس ۽ موٽاپي جي گهٽ خطري سان گڏ عمر وڌڻ جي اثرن کي سست ڪرڻ سان پڻ لاڳاپيل آهن.
تحقيق جي سربراهه ڊاڪٽر پال ڪوهِن موجب، اها ڳالهه انتهائي دلچسپ آهي ته رڳو ڪجهه منٽن جي سخت ورزش جسم اندر هڪ زبردست مثبت ردِعمل پيدا ڪري ٿي. هن چيو ته اها مصروف زندگي گذاريندڙ ماڻهن لاءِ بهترين آهي، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ ڪلاڪن جو وقت ڏيڻ جي ضرورت ناهي.