حيدرآباد (پ_ر) نوان صوبا، انتظامي يونٽ يا مقامي حڪومتن کي مضبوط ڪرڻ جا نعرا هجن، ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو ورهاڱو برداشت نه ڪبو، عالمي سامراجي قوتون ڪراچي ۽ گوادر تي قبضو ڪري نئون اسرائيل قائم ڪرڻ چاهين ٿيون، سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي تي عالمي سامراجي قوتون مڪمل طور قبضو ڪرڻ چاهين ٿيون. سنڌ جو عوام سجاڳ ۽ متحد ٿئي، سنڌو درياهه، سنڌ جي زمينن ۽ سنڌ جي وحدت ۽ وجود جي حفاظت لاءِ پر امن جمهوري جدوجهد جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن کي سلام پيش ڪجي ٿو جيڪي سنڌ جي وجود ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ عوامي سجاڳي مهم هلائي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ آصف کوسو ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي، اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ، زمينن ۽ معدني وسيلن تي قبضن، جلالپور سميت سمورن ڪئنالن ۽ ڊيمن جي تعمير خلاف عوامي تحريڪ طرفان اعلانيل عوامي ڪانفرنس جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، ڪانفرنس اڄ 15 آگسٽ 2026ع تي شام جو 3 وڳي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو هائوس، قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيندي. عوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، عوامي ورڪرز پارٽي مارڪسسٽ، عوامي نيشنل پارٽي، پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي، عوامي ورڪرز پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، پورهيت مزاحمت تحريڪ، نيشنل پارٽي، سنڌ هاري ڪميٽي، سنڌي ادبي سنگت، ايڇ آر سي پي، پ ٽ الف، سگا سميت مختلف سياسي، سماجي، ادبي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي دعوتون ڏنيون ويون آهن. نامور اديب جامي چانڊيو، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاهه، آرٽسٽ شيما ڪرماني، مسعود نوراني وڪيل، پروفيسر اعجاز قريشي، صحافي مظهر عباس، علي قاضي، جبار خٽڪ، صحافي فاضل جميلي، وسعت اللہ خان، اديب ۽ شاعر مير حسن آريسر، وڪيل ڪاظم مهيسر، وڪيل رحمان ڪورائي، وڪيل ارشد شر، وڪيل اياز چانڊيو، وڪيل حق نواز ٽالپر، ذوالفقار واهوچو، دودو چانڊيو، سهيل سانگي، رميش راجا، وڪيل منظور کوسو، رياض سهيل، سهيل ڄاموٽ، صحافي جاويد مهر، صحافي مهيش ڪمار، صحافي مجاهد بريلوي، وڪيل شهاب اوستو، فهيم نوناري، پروفيسر مشتاق ميراڻي، صحافي اقبال ملاح، صحافي لالا رحمان سمون، سينئر صحافي دستگير ڀٽي، سماجي اڳواڻ سليمان جي ابڙو، سماجي اڳواڻ نور محمد بجير، وڪيل جي اين جروار سينئر، وڪيل اسرار چانگ، وڪيل نويد جروار، اديب احمد سولنگي، يوسف سنڌي اديب، امداد چانڊيو، ڊاڪٽر بدر چنا، ذوالفقار قادري، سماجي اڳواڻ ڪاشف بجير، نور چاڪراڻي، روشن خاصخيلي، پروفيسر نويد سنديلو، پروفيسر مبارڪ لاشاري، قاسم سوڍر، راج راڄپر، رفيق عيساڻي، سيف سميجو، سليم چنا، جاويد راڄپر سميت مختلف اديبن، شاعرن، وڪيلن ۽ صحافين کي دعوتون ڏنيون ويون آهن.