اسلام آباد(ع آ نيوز) وفاقي حڪومت پيٽروليم ڊيلرن جي دٻاءٌ ۾ اچي سندن منافعو وڌائي ڇڏيو، ڏهاڙي پيٽرول قيمتون وڌائڻ جو عمل رڪجڻ کان سواءِ احتجاج ختم ٿي ويو. ۽ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽروليم شين جي جائزي جي منظوري ڏني ۽ پيٽروليم ڊيلرز جي مارجن کي 9.98 رپيا في ليٽر تائين وڌايو. اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن ۾ 1.34 رپيا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي پيٽرول ۽ ڊيزل تي 1.34 رپيا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني. هن فيصلي کان پوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جو مارجن 8.64 رپين کان وڌي 9.98 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل تفصيل ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي وزير خزانه ۽ روينيو محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس فنانس ڊويزن ۾ ٿيو، جنهن ۾ قومي خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق جي وفاقي وزير رانا تنوير حسين، پيٽروليم جي وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، اقتصادي معاملن جي وفاقي وزير احد خان چيما، لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته پيٽروليم ڊويزن پاران پيش ڪيل سمري تي غور ڪيو ويو ۽ موٽر اسپرٽ (ايم ايس) ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل (ايڇ ايس ڊي) تي ڊيلرز جي مارجن کي نظرثاني ڪرڻ جي معاملي تي بحث ڪيو ويو. پيٽروليم ڊيلرز حڪومت تي منافعو وڌائڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، اهو ئي سبب آهي جو پيٽروليم ڊيلرز جي هڪ گروپ جي هڙتال جي ڌمڪي کان پوءِ، حڪومت اي سي سي جو اجلاس سڏايو آهي ۽ پيٽروليم شين تي مارجن جو جائزو وٺڻ جي منظوري ڏني آهي. ذريعن موجب، پيٽروليم شين تي پيٽروليم ڊيلرز جو مارجن 9.98 رپيا في ليٽر تائين وڌائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اڳ ۾ پيٽروليم شين تي ڊيلرز جو مارجن 8.64 رپيا في ليٽر هو . اي سي سي پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن ۾ 1.34 رپيا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي،پيٽروليم ليوي حڪومت جي هدف کان تقريبن 100 ارب رپيا وڌيڪ گڏ ڪئي وئي. آءِ ايم ايف پيٽروليم ليوي جي وصولي جو اندازو 1,546 ارب رپيا لڳايو هو، جڏهن ته حڪومت 1,468 ارب رپين جو هدف مقرر ڪيو هو، مالي سال 2024-25 دوران پيٽروليم ليوي جي وصولي 1,220 ارب 21 ڪروڙ رپيا رهي
اسلام آباد (بيورو) مالي سال 2025-26 دوران پيٽروليم ليوي وصولي 1،567 ارب 45 ڪروڙ رپين تائين پهچي وئي، ذريعن موجب پيٽروليم ليوي جي وصولي حڪومت جي مقرر ڪيل هدف ۽ آءِ ايم ايف جي اندازي کان به وڌيڪ رهي، ڪلائميٽ سپورٽ ليوي جي مد ۾ الڳ 50 ارب 16 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته مالي سال 2025-26 دوران ليوي جي وصولي ۾ 347 ارب 24 ڪروڙ رپين جو اضافو ٿيو، جڏهن ته پيٽروليم ليوي جي وصولي حڪومت جي مقرر ڪيل هدف کان تقريبن 100 ارب رپيا وڌيڪ رهي، ذريعن موجب گذريل مالي سال پيٽروليم ليوي جي وصولي آءِ ايم ايف جي اندازي کان 21 ارب رپيا وڌيڪ رهي، مالي سال 2025-26 لاءِ آءِ ايم ايف پيٽروليم ليوي جي وصولي جو اندازو 1,546 ارب رپيا لڳايو هو، جڏهن ته حڪومت 1,468 ارب رپين جو هدف مقرر ڪيو هو، مالي سال 2024-25 دوران پيٽروليم ليوي جي وصولي 1,220 ارب 21 ڪروڙ رپيا رهي، مالي سال 2023-24 دوران پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 1,019 ارب رپيا وصول ڪيا ويا، جڏهن ته مالي سال 2022-23 دوران اها وصولي 580 ارب رپيا رهي، ذريعن موجب هن وقت پيٽرول تي 80 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي وصول ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 77 رپيا 28 پئسا في ليٽر ليوي لاڳو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي تي ڪلائميٽ سپورٽ ليوي جي مد ۾ الڳ 5،5 رپيا في ليٽر وصول ڪيا پيا وڃن.