مستونگ ۾ ضياءُ لانگو جي قافلي تي حملو، 6 اهلڪار زخمي

مستونگ (م ڊ) بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءُ الله لانگو جي قافلي تي حملو، 6 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءُ الله لانگو جي قافلي تي مستونگ جي علائقي کٽ کوچه، ڪنڊ عمراني وٽ هٿياربندن حملو ڪري ڏنو، پوليس موجب حملي ۾ صوبائي گهرو وزير مير ضياءَ الله لانگو محفوظ رهيا، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، زخمي اهلڪارن کي فوري طور نواب غوث بخش رئيساڻي ميموريل اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي صوبائي گهرو وزير زخمي اهلڪارن جي عيادت پڻ ڪئي، پوليس موجب حملي کانپوءِ اهلڪارن حملو ڪندڙن خلاف ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، پوليس ٻڌايو ته ضياءَ الله لانگو قلات ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ جشن آزادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ ڪوئيٽا وڃي رهيو هو ته کڊ کوچه، ڪنڊ عمراني وٽ نامعلوم هٿياربندن سندن قافلي تي حملو ڪيو، واقعي کان پوءِ مير ضياءَ الله لانگو چيو ته اهڙن بزدلاڻن حملن سان اسان جا حوصلا پست نه ٿيندا، هن چيو ته ”مون کي انهن پٽاخن سان ڊيڄاري نٿو سگهجي.“ پاڪستان زنده باد هو، زنده باد آهي ۽ زنده باد رهندو.

You might also like