هن ڀيري عمران خان کان سواءِ اسلام آباد مان واپس نه موٽنداسين: سهيل آفريدي

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته ڪا به طاقت يا دولت اسان کي پارٽي جي باني چيئرمين عمران خان جي ويزن کان هٽائي نٿي سگهي، اهي ڪرسيون اسان جو مقصد ناهن، 27 سيپٽمبر تي 20 لک ماڻهن سان گڏ اسلام آباد وينداسين، نوشهره جي اسپين خاڪ واري علائقي ۾ ميگا وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته سڄي صوبي ۾ هڪ ڏينهن دوران 14 لک ٻوٽا پوکڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته ٻيلن کاتي جي ڪوششن سان 17 لک ٻوٽا پوکيا ويا، سهيل آفريدي چيو ته پي ٽي آءِ جي پهرين ترجيح عوام جي ڀلائي آهي، سياسي جدوجهد سان گڏ ايندڙ نسلن لاءِ منصوبن تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهيون، خيبرپختونخوا حڪومت جا موجوده سمورا قدم عمران خان جي پيش ڪيل ويزن ۽ تصور تحت آهن، اسان پي ٽي آءِ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ شامل ٿيا هئاسين ۽ مقصد حاصل ٿيڻ تائين جدوجهد جاري رهندي، اسان سياسي جدوجهد سان گڏ بهتر حڪمراني پڻ ڪري رهيا آهيون، عمران خان کي ناحق قيد ۾ رکيو ويو آهي، سندس آزادي لاءِ 27 سيپٽمبر واري لانگ مارچ کي ڪامياب بڻائڻو آهي، اسلام آباد مارچ جي اڳواڻي مان پاڻ ڪندس، اسان عمران خان جي آزادي لاءِ نڪرنداسين، ڪا به طاقت، دولت يا تخت ۽ تاج اسان کي باني چيئرمين جي ويزن کان هٽائي نٿا سگهن. اهي ڪرسيون اسان جو مقصد نه آهن ۽ نه ئي ڪڏهن رهيون آهن، سهيل آفريدي چيو ته نوجوان موجوده نظام کان مايوس ٿي چڪا آهن ۽ اميد آهي ته 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو اسلام آباد طرف مارچ ڪندا، لانگ مارچ جي قيادت پاڻ ڪندس ۽ هن ڀيري عمران خان جي آزادي کانسواءِ واپس نه موٽنداسين.

You might also like