واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران خلاف جنگ ڊگهي ٿيڻ سبب آمريڪي جهاز بردار بحري ٻيڙي يو ايس ايس ابراهم لنڪن تي مقرر ڪيترن ئي اهلڪارن پاران آپگهات جون ڪوششون ڪرڻ جون دعوائون سامهون آيون آهن.
آمريڪي ميڊيا موجب، ڊگهي مقرري سبب جهاز تي مقرر ڪجهه اهلڪارن سمنڊ ۾ ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته جهاز جي عملي ڪيترن ئي اهلڪارن کي اهڙو قدم کڻڻ کان روڪيو.
آمريڪي نيوز ويب سائيٽ سان ڳالهائيندي هڪ اهلڪار جي گهرواري دعويٰ ڪئي ته ڊگهي ۽ مسلسل ڊيوٽي سبب سندس مڙس به جهاز تان ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
رپورٽ ۾ آمريڪي بحري بيڙي تي خوراڪ ۽ بنيادي ضرورت جي شين جي کوٽ جون دعوائون پڻ ڪيون ويون آهن.
ٻئي پاسي آمريڪي سينيٽرن اهڙن واقعن جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪي نيوي جهاز تي مقرر فوجين ۾ آپگهات جي ڪوششن يا ذهني صحت وارن مسئلن ۾ واڌ ٿيڻ جي ترديد ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اٽڪل 5 هزار آمريڪي سيلرز ۽ ميرينز 250 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي کان جهاز تي مقرر آهن.
You might also like