پاڪستاني ڪوچ ايراني رانديگرن کي ڪرڪيٽ جا گُڻ سيکاريندا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايران ڪرڪيٽ جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ راند کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو.
ايران ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي وفد لاهور ۾ پي سي بي هيڊڪوارٽرز ۽ قذافي اسٽيڊيم جو دورو ڪيو، جتي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ۽ ايراني ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن وچ ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل سهڪار بابت اهم ڳالهيون ٿيون.
ايراني وفد قذافي اسٽيڊيم، ڪرڪيٽ ميوزيم ۽ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو به دورو ڪيو ۽ اتي موجود جديد تربيتي سهولتن جو جائزو ورتو.
پي سي بي موجب، ايراني وفد جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد سيد ۽ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان نصير سان ملاقات به ٿي.
ملاقات دوران پاڪستاني ڪوچز طرفان ايران جي جونيئر ۽ سينيئر ڪرڪيٽ ٽيمن کي ڪوچنگ فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ٻنهي ڌرين ڪرڪيٽ جي هٿي، فني سهڪار ۽ مستقبل ۾ گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ نوان موقعا ڳولڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.

 

You might also like