رجسٽرار جو نوٽيس، جسٽس بابر ستار سرڪاري گهر خالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار اسلام آباد واري سرڪاري رهائشگاهه خالي ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، اسٽيٽ آفيس طرفان 3 جولاءِ تي ڄاڻايل گهر جي الاٽمينٽ رد ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ 30 ڏينهن اندر گهر خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رجسٽرار جي نوٽيس کانپوءِ جسٽس بابر ستار اسلام آباد وارو سرڪاري گهر خالي ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، جسٽس بابر ستار عدالتي موڪلن کانپوءِ ٻه ڏينهن اڳ سرڪاري رهائشگاهه خالي ڪئي.

 

You might also like