ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (جي ايس ايم يو) جي ڪيترن ئي سينيئر ايسوسيئيٽ پروفيسرن ڊاڪٽر نگهت شاهه جي ٻيهر مقرري تي خدشن جو اظهار ڪندي وڏي وزير، صحت واري وزير ۽ وفاقي محتسب اعليٰ کي خط لکي ڇڏيو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) جي 19 مئي واري نوٽيفڪيشن جي ٻئي پيرا کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ترقيءَ جي منتظر 6 ايسوسيئيٽ پروفيسرن جون ترقيون متاثر ٿي رهيون آهن.
خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ايم ڊي سي جي واضح هدايتن جي ابتڙ ڊاڪٽر نگهت شاهه جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
ٻئي واسي وڏي وزير جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر نگهت شاهه کي رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ٻيهر مقرر ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب، ڊاڪٽر نگهت شاهه جي ڪانٽريڪٽ تي مقرري سان اداري ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ٻين آفيسرن جي سينياريٽي متاثر نه ٿيندي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر نگهت شاهه جي ڪانٽريڪٽ تي مقرري جو موجوده آفيسرن جي سينياريٽي ۽ ترقيءَ سان ڪو به واسطو نه آهي.