ڪراچي جي عدالت منشيات ڪيس ۾ ڊرگ ڊيلر انمول پنڪيءَ کي بري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مقامي عدالت منشيات ڪيسن ۾ گرفتار جوابدار انمول عرف پنڪي کي ٽن ڪيسن ۾ بري ڪري ڇڏيو.
انمول عرف پنڪي خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن سائوٿ جي عدالت ۾ ٿي، جتي جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪيس ۾ ٻه شريڪ جوابدار اڳ ئي بري ٿي چڪا آهن، شريڪ جوابدار علي ۽ فهميده کي 2024ع ۾ بري ڪيو ويو هو.
وڪيل چيو ته انمول عرف پنڪي کي شريڪ جوابدارن جي بيانن جي بنياد تي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو هو، جڏهن ته شريڪ جوابدارن جي بري ٿيڻ کانپوءِ سندس اصيل کي ڪيس ۾ سزا ملڻ جو ڪو امڪان ناهي.
ٻڌڻي کانپوءِ عدالت انمول عرف پنڪي کي 2020ع، 2021ع ۽ 2022ع ۾ گذري ٿاڻي تي داخل ٽن منشيات جي ڪيسن ۾ بري ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته ڪراچي ۾ گارڊن پوليس مئي مهيني دوران منشيات فروشي جي الزام هيٺ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو هو.

 

You might also like