دفاعي معاهدي ۾ ٻين اسلامي ملڪن کي به شامل ٿيڻ گهرجي: فضل الرحمان

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدي ۾ ٻين اسلامي ملڪن کي به شامل ٿيڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪ-ترڪ-سعودي دفاعي معاهدو اسلامي دنيا جي اتحاد ڏانهن هڪ اڳڀرائي آهي. اسلامي دنيا جي گڏيل دفاعي قوت هميشه کان اسان جي خواهش رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ سعودي عرب مسلم امت جي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

هن چيو ته اسلامي ملڪن وچ ۾ دفاعي معاهدو اسان جي منشور ۽ نظريي جي عڪاسي ڪري ٿو. اسلامي بلاڪ جو قيام پهرين ڏينهن کان ئي جي يو آءِ جي منشور جو حصو رهيو آهي. ٽنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي معاهدو لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪ-سعودي-ترڪ دفاعي معاهدو اجتماعي سلامتيءَ جو مضبوط ستون ثابت ٿيندو ۽ هي معاهدو امت مسلمه وچ ۾ گهربل اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو.هن چيو ته هي معاهدو اسلامي مقدسات جي وقار ۽ تحفظ لاءِ عزم جي علامت آهي ۽ اسلامي ملڪن وچ ۾ ويجهي سهڪار جي راهه هموار ڪندو.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام حرمين شريفين جي دفاع کي هڪ عظيم اعزاز سمجهن ٿا. دعا آهي ته هي دفاعي معاهدو پوري امت مسلمه جي عروج جو ذريعو بڻجي.

You might also like