عمرڪوٽ:5 ڪلاڪ کان وڌيڪ لڳندڙ ڌرڻي ۾ سولنگي برادري جو سردار زبير سولنگي پڻ پُھتو جنھن مقتول نوجوان جي وارثن کان مامري جي ڄاڻ حاصل ڪندي مڪمل انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي، صحافين سان ڳالھائيندي سولنگي برادري جي معزز اڳواڻ زبير احمد سولنگي چيو ته اسان جي برادري سان اڳ به پلاٽ واري مامري تان ناحقي ٿي ھئي، تعليم واري وزير خاطري ڪرائي ھئي ته سولنگي برادري جي گھرن وارو مامرو ڳالھين ذريعي حل ڪرائبو پر مونکي اڄ ھنن ٻڌايو آھي ته اسان کي ٻيھر نوٽيس مليا آھن، سيد امير علي شاھ مونسان گڏ موجود آھي، ھن خاطري ڪرائي آھي ته سولنگي برادري سان انصاف ڪيو ويندو.