ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ڪابينا گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت ۾ ساڍا ست سيڪڙو واڌ ڪندي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 43 هزار ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. پيپلز هائوسنگ اسڪيم جو دائرو گلگت بلتستان تائين وڌائيندي اتي به گهر ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ جنھن ۾ 0.5 ملين ميٽرڪ ٽن (MMT) ڪڻڪ جي درآمد، گھٽ ۾ گھٽ اجرت ۾ 7.5 سيڪڙو واڌ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) يونٽ کي سرڪاري ملڪيت واري ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ، سنڌ پيپلز هائوسنگ انيشيٽو جو گلگت بلتستان تائين توسيع، نوابشاهه-راڻيپور (مهراڻ هاءِ وي) تي ٽول ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سميت ڪيترائي ادارتي سڌارا شامل آهن. وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خصوصي معاونن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف عباس ۽ صوبائي حڪومت جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ڪابينا کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اقتصادي استحڪام، انفراسٽرڪچر جي ترقي، سماجي تحفظ، ادارتي مضبوطي ۽ بهتر سروس ڊليوري تي ٻڌل سڌارن واري ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. وڏي وزير چيو ته جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن تن جو مقصد خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ، مزدورن جو تحفظ ڪرڻ، گورننس جي اڏاوتن کي جديد بڻائڻ، خانگي سيڙپڪاري کي هٿي ڪرڻ ۽ سڄي سنڌ ۾ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ آهي. سنڌ ڪابينا تجويز ڪيل سنڌ گورنمينٽ لينڊز مئنيجمينٽ بل 2026 تي غور ويچار ڪيو، جنهن جو مقصد صديءَ کان پراڻي ڪالونائيزيشن آف گورنمينٽ لينڊز ايڪٽ 1912 کي سڄي صوبي ۾ سرڪاري زمين جي انتظام، الاٽمينٽ ۽ استعمال لاءِ هڪ جديد ۽ شفاف قانوني فريم ورڪ سان تبديل ڪرڻ آهي. ڪابينا منيمم ويجز بورڊ جي سفارشن جي به منظوري ڏني جنهن تحت پهرين جولاءِ 2026 کان سنڌ ۾ گھٽ ۾ گھٽ اجرت ۾ 7.5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. سڌاريل شرحن تحت، غير هنرمند مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 40,000 رپين مان وڌائي 43,000 رپيا في مھينو ڪئي وئي آھي .ڪابينا مالي سال 2026-27 لاءِ پيپلز ڪميونٽي هيلٿ سروسز ڪمپني جي بجيٽ جي منظوري ڏني، جنهن ۾ 200 ملين رپيا سيڊ مني طور ۽ 2.723 ارب رپين جي گرانٽ شامل آهي. ڪمپنيز ايڪٽ، 2017 جي سيڪشن 42 تحت قائم ڪيل هن ڪمپني جو مقصد ڪميونٽي سطح تي بنيادي صحت جي خدمتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ گهٽ سهولتن وارن علائقن جي آبادي تائين ان جو دائرو وڌائڻ آهي. ڪابينا اڳوڻي نامزدگي جي جاءِ تي محترمه سحر افتخار خان، پي اي ايس (BS-19)، کي ڪمپني جي چيف ايگزیکيوٽو آفيسر (CEO) طور مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني ۽ وڏي وزير کي ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرن ۾ مستقبل جي تبديلين جي منظوري ڏيڻ جو اختيار ڏنو. ڪابينا مالي سال 2026-27 لاءِ صوبي جي خوراڪ جي تحفظ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (TCP) ذريعي 0.5 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 1.69 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي کوٽ جو امڪان آهي. ڪابينا ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن (TMC) لياري جي تعليم ۽ ميڊيڪل کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي معاهدي واري خدمتن ۾ هڪ سال جي واڌ جي منظوري ڏني، جيڪا 11 مارچ 2026 کان 10 مارچ 2027 تائين لاڳو هوندي. ان فيصلي ۾ 254 ڪانٽريڪٽ ملازم شامل آهن .لياري ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ لاءِ نيسپاڪ (NESPAK) جون خدمتون حاصل ڪيون ويون.ڪابينا آف روڊ گاڏين جي ڊي-رجسٽريشن، موٽر ڊيلر هولڊنگ پيريڊ رليف ۽ ملڪيت جي منتقلي تي موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس (MTPI) جي تسلسل بابت تجويزن جو جائزو ورتو. ڪابينا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) يونٽ کي مڪمل طور تي سرڪاري ملڪيت واري پرائيويٽ ليمٽيڊ ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني ته جيئن ادارتي صلاحيت کي مضبوط ڪيو وڃي. ڪابينا پاران پيپلز هائوسنگ انيشيٽو کي گلگت بلتستان تائين وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي. ٻوڏ متاثر گھرن جي ٻيهر اڏاوت لاءِ 376.3 ملين رپين جي اندازي سان سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز پروگرام کي گلگت بلتستان تائين وڌائڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ايس پي ايڇ ايف کي گلگت بلتستان حڪومت پاران فراهم ڪيل لسٽ جي بنياد تي تصديق، داخلا ۽ رقم جي ورڇ جي عمل کي شروع ڪرڻ جو اختيار ڏنو ۽ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام (NRSP) کي امپليمينٽنگ پارٽنر طور شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني. هي قدم بلوچستان ۾ سنڌ جي جاري مدد کان پوءِ ڪيو ويو آهي جتي 4,500 گهرن جي ٻيهر تعمير اڳيئي هلي رهي آهي. ڪابينا 135 ڪلوميٽر ڊگهي نوابشاهه-راڻيپور (مهراڻ هاءِ وي) تي ٽول ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن ۾ بنيادي طور تي ھيوي ۽ واپاري گاڏين کان اوڳاڙي ڪئي ويندي ته جيئن روڊ جي مرمت ۽ بحالي لاءِ مخصوص وسيلا پيدا ڪري سگهجن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته هي هاءِ وي جيڪو شهيد بينظير آباد، نوشهرو فيروز ۽ خيرپور ضلعن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو، تان روزانو 22,000 کان وڌيڪ گاڏيون گذرن ٿيون ۽ 41 ارب رپين جي اندازي سان ان کي ڊبل ڪيو پيو وڃي. ڪابينا چار اعليٰ سطحي ٽاسڪ فورسز جي جوڙجڪ جي منظوري ڏني جيڪي اهم شعبن ۾ طويل المدت سڌارن تي اسٽريٽجڪ صلاحون ڏيڻ لاءِ قائم ڪيون ويون آهن.ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو نالو تبديل ڪري ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس کاتو رکيو ويو.سنڌ ڪابينا شهيد بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ فار ڊيموڪريسي اينڊ فيڊرليزم ايڪٽ، 2024 تحت قائم ڪيل شهيد بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ فار ڊيموڪريسي اينڊ فيڊرليزم (SBBIDF) جي بورڊ جي جوڙجڪ جي توثيق ڪئي. ڊپٽي ڪمشنرن (DCs) کي ايفاڪيوئي ٽرسٽ پراپرٽيز لاءِ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو .