ڪراچي(عوامي آواز نيوز) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته پنجاب جي معاشي ناڪامين جا اثر سڄي ملڪ جي معيشت تي پئجي رهيا آهن. سندس دعويٰ آهي ته جيڪڏهن چئن ئي صوبن جي بيلنس شيٽ تيار ڪئي وڃي ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي بيلنس شيٽ مثبت، جڏهن ته پنجاب جي منفي نڪرندي.هڪ انٽرويو ۾ شبر زيدي چيو ته پنجاب وٽ پرڏيهي پاڪستانين جي موڪليل ناڻي (ترسيلات زر) کانسواءِ آمدني جو ٻيو وڏو ذريعو باقي نه رهيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته صوبي ۾ زراعت تقريباً ختم ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ٽيڪسٽائل سميت ڪيتريون وڏيون صنعتون يا ته بند ٿي ويون آهن يا ملڪ کان ٻاهر منتقل ٿي ويون آهن.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ساليانو لڳ ڀڳ 40 ارب ڊالر ترسيلات زر اچن ٿيون، جن مان تقريباً 70 سيڪڙو پنجاب سان لاڳاپيل آهن.شبر زيدي وڌيڪ چيو ته پنجاب جا حڪمران ذهني طور پاڻ کي بادشاهه سمجهن ٿا، ۽ ملڪ ۾ ڪو به اهڙو ناهي جيڪو کلي عام چئي سگهي ته پنجاب معاشي طور ناڪام ٿي ويو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن صوبن جي وسيلن جو جائزو ورتو وڃي ته سنڌ وٽ ڪراچي بندرگاهه ۽ توانائي جا وسيلا آهن، خيبرپختونخوا وٽ پاڻي ۽ معدني وسيلا موجود آهن، جڏهن ته بلوچستان وٽ گئس ۽ ٻيا قدرتي وسيلا آهن. سندس سوال هو ته انهن جي مقابلي ۾ پنجاب وٽ ڪهڙا اهم معاشي وسيلا بچيا آهن؟اڳوڻي چيئرمين ايف بي آر دعويٰ ڪئي ته پنجاب ”وڏو ڀاءُ“ هجڻ باوجود پنهنجي ناڪامين جو بار ٻين صوبن تي وجهي ٿو، جڏهن ته ملڪ جي معيشت تي به پنجاب جي معاشي ڪمزورين جو اثر پئجي رهيو آهي.هن وڌيڪ الزام هنيو ته پنجاب ۾ سياسي خاندانن جي شوگر ملن کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪپهه جي پوک گهٽائي وئي ۽ ڪمند جي پوک وڌائي وئي، جنهن سبب ٽيڪسٽائل صنعت کي گهربل ڪپهه نه ملي ۽ ڪيترين ملن ملڪ ڇڏڻ يا بند ٿيڻ کي ترجيح ڏني.شبر زيدي چيو ته معيشت کي رڳو بئنڪنگ نظام وسيلي نٿو هلائي سگهجي، بلڪه بنيادي معاشي سڌارن جي ضرورت آهي. هن دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن پاڪستان چين سان پنهنجا واپاري لاڳاپا ختم ڪري ڇڏي ته ملڪ جي معيشت بهتر ٿي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته چين پاڪستان جي معيشت کي جيترو نقصان پهچايو آهي، اوترو آمريڪا به نه پهچايو.هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي شبر زيدي چيو ته هو شروعات کان ئي چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جو مخالف رهيو آهي.هن چيو ته سي پيڪ کي ”گيم چينجر“ قرار ڏئي عوام کي گمراهه ڪيو ويو، جڏهن ته ان منصوبي تحت انتهائي مهانگا بجلي جا منصوبا لڳايا ويا، جن ملڪ جي معيشت تي وڏو بار وڌو. سندس الزام هو ته انهن توانائي منصوبن سبب بجلي جون قيمتون وڌيون ۽ قومي معيشت کي نقصان رسيو.اڳوڻي چيئرمين ايف بي آر چيو ته پاڪستان کي پنهنجي معاشي پاليسين تي ٻيهر نظرثاني ڪندي اهڙا فيصلا ڪرڻ گهرجن،