لنڊن(رضا رومي)ناليواري تجزئي نگار ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو آهي ته ڏهن ٻارهن ڏينهن اڳ فيلڊ مارشل عاصم منير جڏهن ڊيٽا سينٽر جو افتتاح ڪيو هو ته هن حڪومت کي ڇنڊ پٽي هئي،ڇو ته هو ڪارڪردگي جي خوش ناهي،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته فيلڊ مارشل وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سخت ڇنڊ پٽي هئي،جڏهن ته هن کي ڪير چوي ته جڏهن ادارا هر جاءِ تي ويٺل آهن ته ڪارڪردگي ڪٿان ٺيڪ ٿيندي؟هن چيو ته اها به حقيقت آهي ته سموريون حڪومتون سٺي حڪمراني جي حوالي سان ٺيڪ نه پيون هلن،اداري جي مداخلت باوجود جيڪو اسپيس آهي ان ۾ به سويلين ڪم نه پيا ڪن،سويلين نه پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ وڙهن ٿا نه ئي پنهنجي عوام لاءِ کين ڪو درد آهي،هاڻي سوال اهو آهي ته موجوده حڪمرانن جي جاءِ تي ڪنهن کي آڻيندا؟جيڪڏهن ملڪي حالتون وڌيڪ خراب ٿين ٿيون ته ٿي سگهي ٿو ته عمران خان سان ڳالهيون ڪيون وڃن،هن کي آڻي ڇڏين،هن چيو ته حقيقت ۾ اسٽيبلشمينٽ سياستدانن ۽ سول سوسائٽي کي بفر طور استعمال ڪيو آهي،عوام جڏهن ڪاوڙجندو آهي ته اسٽيبلشمينٽ وارا ڪنهن کي اڳتي ڪري ڇڏيندا آهن،هن چيو ته هن وقت جيڪي اشارا ڏنا پيا وڃن اهي حڪومت کي پيغام آهن ته پنهنجا لڇڻ سڌاريو،مزي جي ڳالهه اها آهي ته سول حڪمران به معاملا ٺيڪ نه پيا ڪن،ڇا پنجاب يا سنڌ جون حالتون ٺيڪ ٿي وينديون؟مون کي نٿو لڳي.هن چيو ته صوبن جو معاملو تمام ڳنڀير آهي،هن وقت ملڪ جو اصل مسئلو معيشت آهي،مهانگائي آهي،ماڻهن جي بک آهي،ماڻهن جي خاموشي آهي،هن چيو ته 33 صوبا ٺاهي ڇڏيندا پر سينيٽ جي جوڙجڪ ٻيهر ڪيئن ڪندا؟هن چيو ته صوبن لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان ڀلي زور زبردستي سان قراردادون يا ترميمون منظور ڪرائي وٺندا پر سياستدانن اهي سٺا يا خراب انهن کي به نظر اچي رهيو آهي ته انهن ترميمن کانپوءِ سندن موت اچي ويندو،مون کي لڳي ٿو ته صوبن وارو بحث هاڻي ٿڌو ٿي ويو آهي،ڇو ته ماڻهو مزاحمت ڪندا،ملڪ ۾ نسلي ورڇ ايتري گهري آهي جو معاملا توهان جي هٿن مان نڪري ويندا،صوبن وارو شوشو ڊيڄارڻ لاءِ آهي