مڪاني حڪومتن جو باب آئين ۾ هئڻ گهرجي،اسان ته اڄ به محڪوم آهيون:ملڪ احمد خان

لاهور(عوامي آواز نيوز)پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان چيو آهي ته . جمهوريت جو  پروجيڪٽ بنيادي طور تي اڃا تائين ان فراڊ جو شڪار آھي جيڪو آئين سان فراڊ آھي.ڇو جو تمهيد ۾ ھڪ ڏاڍي واضح ڳالھ ڪئي وئي ته چونڊيل نمائندن وٽ ئي انتظامي اختيار ھوندو. پر ڪو ڳالھائي به نٿو سگھي؟ ڇا ايترو قحط الخيال آهي؟  عوامي نمائندا آئين جي اصل روح کي ڳولڻ جي ڪوشش به ڪن! هن چيو ته  فوج سان اعتراض آھي ته فوج جو سياسي ڪردار ڇا ھوندو، ڇا نه ھوندو. مارشل لا لڳنديون رھيون  پهريان اصل بنيادي شيءِ  ته طئي ڪري وٺون اگر توھان وٽ ھي جمهوريت جو پروجيڪٽ آھي، ۽ 1973ء جو آئين ھڪ متفقه دستاويز آھي ۽ ان جي تحت ئي توھان کي  پنھنجي نظامِ زندگي گذارڻي آھي، ته ان جي پھريان سٽ کان وٺي اڳتي ھلندا وڃو، ٻڌندا وڃو ۽ شرمائيندا وڃو!هن چيو ته جيڪي نمائندا جيترا وڌيڪ بااختيار ھوندا، عوام اوترو ئي وڌيڪ بااختيار ھوندو. اھو عوامي نمائندگي جو بنيادي اصول ئي آھي.پھريان غلطي ته ھتي موجود آھي. پنجاب ،سنڌ ،بلوچستان ۽  خيبرپختونخواھ جي ڳالھ ڪري رھيو آھيان. انھن جا جيڪي گورنمينٽ جا رولز آف بزنيس آهن انهن ۾ تمام قسم جا مالي اختيار، انتظامي اختيار چونڊيل نمائندن وٽ ناھن! پوءِ باقي نظام جي اسان ڳالھ ئي ڇو ڪريون؟هن چيو ته مان ته ھڪ وچولي طبقي جو ماڻھو آھيان منھنجي گوٺ ۾ اڄ به ميونسپل خدمتون ناھن! ۽ جڏھن اسان ڳالهھ ڪريون ٿا ته وڏا وڏا دانشور ماڻھو جواز پيش ڪن ٿا ته  گوٺن ۾ رھندڙ ماڻھو ميونسپل ٽيڪس نٿا ڏين، ان ڪري انھن کي ميونسپل خدمتون نٿيون ملي سگھن.هن چيو جيڪڏهن جمهوريت جا ثمر( سٺي زندگي جو حق) آھن، اھي ئي ناھن، ته پوءِ مان جمهوريت کي نظام ڇو تسليم ڪندس؟هن چيو ته منھنجو نه سيوريج جو نظام آهي، نه قبرستان جو ڪو منتظم آھي نه صحت جو ڪو نظام آھي. منھنجي اسڪولن جي حالت خراب آھي. مون کي مقامي طور تي ان کي ٺيڪ ڪرڻ جو اختيار ڏنو ئي نٿو وڃي،هن چيو ته 25 ڪروڙ ماڻھن لاءِ ڪيل بندوبست ۾ 1500 پبلڪ آفيسون ڪافي آهن؟ گورننس ھڪ اھڙي شيءِ آھي جنھن تي اسان کي روز ڳالھائڻ گھرجي. هن چيو ته توھان جو متفقه دستاويز 1973ء جو آئين آھي. ڇا 1973ء جو آئين ڪڏھن سيڪيورٽي جي معاملن کي ڊيل ڪري سگھي ٿو؟ ڇا  ڇانوڻي  ۽ آئين گڏجي  پاڪستان جي چئلينجن کي منهن ڏئي سگھن ٿا؟ ھي به سوال آھن.اسان دائرو ائين ٺاھي ڇڏيو آھي ته جيڪو شخص فوج کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو جيڪو فوج  خلاف مزاحمت ڪندو، اھو مقبول ھوندو! ۽ اھو به طئي ڪري ورتو آهي ته  اسان پنهنجو وارو هر ڀيري وٺنداسين! ۽ اھو به طئي ڪري ورتو آهي  ته فوج سان مان ڪنھن نه ڪنھن وقت غير مقدس اتحاد  ۾ رھندس، مان پنھنجون حڪومتون ٺاھيندس۽ جڏھن مون کي ان حڪومت مان ڪنھن سبب جي ڪري ڪڍيو ويندو  ان وقت مان پوءِ فوج کي ذميوار قرار ڏيندس ته توھان جو سياسي ڪردار آھي، جيڪو نه ھئڻ گھرجي!هن چيو ته آءِ ايس آءِ جو سي بڻيو آهي اهو ته هڪ پوليٽيڪل آرڊر سان بڻيل آهي،همت ڪري ان کي ختم ڪريو،اڄ به بلوچستان ۾ هڪ عليحدگي پسند تحريڪ هلي رهي آهي، ڪي پي ۾  دھشتگرد تحريڪ آھي انهن کي توهان ڪيئن منهن ڏيندا؟توهان جي ڪشمير ۾ هن وقت سياسي حقن جي تحريڪ هلي رهي آهي،ملڪ ۾ ماحول اهڙو ٿي ويو آهي جو سياسي ڳالهين جي گنجائش به ختم ٿيندي پئي وڃي،ھن ماحول ۾، مان پنھنجي ساٿين احمد اقبال ۽ علي حيدر گيلاني کي خراج پيش ڪندس  جن اچي چيو ته "اسان ھڪ قرارداد وٺي اچي رھيا آھيون ۽ اسان چاھيون ٿا ته آئينِ پاڪستان ۾ ھڪ باب مقامي حڪومتن جو به ھجي،مون ان ڳالهه جي آجيان ڪئي، پ پ،ن ليگ،پي ٽي آءِ ،ق ليگ جي حمايت سان پنجاب اسيمبلي اھا قرارداد پاس ڪري وفاق ڏانھن موڪلي ته مقامي حڪومتن جو باب آئين ۾ شامل ڪريو،ان ۾ صرف اھا خواھش ھئي ته منھنجو (شھري جو) رياست سان معاهدو ٽٽي رھيو آھي. مان توھان جي فيصلن ۾ بلڪل شامل ناھيان انھن فيصلن ۾ جيڪي وڏا، ننڍا ۽ مقامي فيصلا آھن. مان پنھنجي گهٽي ۽ نالي جو اختيار به نٿو رکان، ته مان توھان کان الڳ ٿي رھيو آھيان. منھنجو اختيار ناھي جو مان پنھنجي اسڪول ۽ صحت جي مرڪز جي به ڳالھ ڪريان، مان توهان کان  الڳ ٿي رھيو آھيان ته رياست کي پنھنجي سوچ کي ٻيھر ڏسڻو پوندو،هن چيو ته صوبن جي ڳالهه ممنوعه شجر ناهي،هندستان ۾ صوبا ٺاهڻ جو تجربو ڪنهن هڪ وقت ۾ نه ڪيو ويو،انھن زبان، آبادي، انتظامي بندوبست سميت سڀني شين تي غور ڪيو. ۽ اهو به طئي ڪيو ته نظامِ حڪومت پارلياماني ئي رھندو، هن چيو ته ھن ۾ون لائنر  طور ھن آئيني فراڊ کي پھريان طئي ڪري اڳتي وڌو،توهان اهو حڪمراني جو حق ڪنهن ٻئي کي ڪيئن ڏئي سگهو ٿا جيڪي چونڊيل ناهن اسان ته اڄ تائين محڪوم آھيون!پهرين اهو ته طئي ڪريو پوءِ ٻي ڳالهه ڪريو. ۽ مان اھو حڪمراني جو حق وردي ۽ بندوق واري سان ته بعد ۾ ڳالھ ڪندس، مان پھريان پنھنجي سرڪاري آفيسر سان ته ڳالھ ڪري وٺان!

You might also like