عمرڪوٽ ۾ سولنگي برادري جو نوجوان قتل، ڪيترائي ڪلاڪ لاش رکي ڌرڻو

عمرڪوٽ(رپورٽ:غلام مصطفيٰ مھر ) عمرڪوٽ ۾ سولنگي برادري جو نوجوان پراسرار نموني قتل، وارثن ۽ شهرين پاران پلاٽ جي معاملي تان حبيب شاهه جي ماڻهن مٿان قتل جو الزام، الله واري چوڪ تي لاش 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ ٽائيم رکي ڌرڻو هنيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته عمرڪوٽ ۾ سولنگي برادري جي نوجوان 26 سالن جي غلام محمد پٽ نور محمد سولنگي جو لاش مليو، لاش سول اسپتال عمرڪوٽ مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته نوجوان جي وارثن طرفان نوجوان جي قتل جو شڪ ظاھر ڪندي لاش پريس ڪلب آڏو آڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ۽ مک الله واري چوڪ تي لاش رکي  ڌرڻو ھنيو ويو جيڪو 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ ٽائيم تائين جاري رھيو، مظاهرين مقتول جي وارثن غلام مصطفيٰ، امير حسن، نوجوانبيواھ نورجھان، امڙ امينه ۽ ٻين چيو ته اسان کي شڪ آهي ته اسان جو پلاٽ جي مامري تان تڪرار ھليو پئي جنھن تي نوجوان کي قتل ڪري لاش اڇلايو ويو، اسان کي خدشو آهي ته نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، اسان جي پلاٽن جو مسئلو ڪافي وقت کان ھلندڙ آهي ۽ ٻه ڏينهن اڳ اسان کي نوٽيس موڪليا آهن ۽ رات اهو واقعو پيش آيو، مقتول نوجوان جي ڀاءُ چيو ته منھنجو ڀاءُ ماتمي جلوس ۾ هو رات سڄي اسان ڳولا ڪئي نيٺ اطلاع مليو ته لاش سول اسپتال ۾ پيو آهي، اسان سان ناحق ظلم ٿيو آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي، ڌرڻي ۾ شامل عورتن جو چوڻ هو ته پلاٽ جي تڪرار تان حبيب شاهه ماڻهن اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آهي، ڊي ايس پي عمرڪوٽ اظھر سمون ۽ ايس ايڇ او سٽي نور محمد نوحاڻي پوليس نفري سان لڳل ڌرڻي واري ھنڌ پُھچي نوجوان جي وارثنکي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي، ڊي ايس پي عمرڪوٽ اظھر سمون چيو ته سولنگي برادري جي نوجوان جي موت جي معاملي جي شفاف جاچ ٿيندي، وارثن کي ڪنھن تي شڪ آھي ته اسان کي ٻڌائن انھي جي صاف شفاف جاچ ڪري کيس انصاف ڏياريو ويندو.

You might also like