Share اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته هو وزيراعظم شهباز شريف کي صلاح ڏيندو ته وفاقي ڪابينا جي سڀني وزيرن جي ڪارڪردگي جو آزاد ٽئين ڌر کان جائزو ورتو وڃي.هڪ خانگي ٽي وي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي محسن نقوي چيو ته وزيراعظم سڀني وزارتن جي ڪارڪردگي جي جاچ ڪنهن غيرجانبدار ٽئين ڌر کان ڪرائي ۽ ان جا نتيجا عوام آڏو پيش ڪري، جيئن واضح ٿي سگهي ته ڪهڙي وزارت ڪيترو ڪم ڪري رهي آهي.هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاسن ۾ سندس حاضري لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو رهي آهي. پنهنجي مٿان ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي هن چيو ته جن ماڻهن چيو ته هن ”30 سالن جو سفر ٽن سالن ۾ طئي ڪيو“، هو انهن جو شڪرگذار آهي.محسن نقوي چيو ته هو اڄ به پنهنجي ان ڳالهه تي قائم آهي ته ملڪ جو نظام تباهه ٿي چڪو آهي. سندس وضاحت هئي ته هن موجوده حڪومت نه، پر گذريل 80 سالن کان هلندڙ نظام بابت ڳالهه ڪئي هئي.هن چيو ته جيڪڏهن اهو نظام صحيح نموني ڪم ڪري رهيو هجي ها ته پاڪستان اڄ تمام گهڻو اڳتي وڌي چڪو هجي ها. سندس چوڻ هو ته هن حڪومت تي تنقيد يا چارج شيٽ پيش نه ڪئي، ڇو ته هو پاڻ به حڪومت جو حصو آهي.وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو سندس ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي لاڳاپن ۾ خرابي ڏسڻ چاهين ٿا، پر حڪومت پنهنجي آئيني مدت مڪمل ڪندي ۽ شهباز شريف پنج سال وزيراعظم رهندو.محسن نقوي جو چوڻ هو ته وزيراعظم روزانو 14 کان 16 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن نظام بهتر ٿي وڃي ته نتيجا هزارين ڀيرا وڌيڪ بهتر ٿي سگهن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت ايف بي آر جي روينيو ۾ اضافو ڪيو، جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ سفارتي سطح تي به اهم ڪاميابيون ماڻيون. سندس خيال موجب، جيڪڏهن وزيراعظم کي هڪ بهتر نظام ملي ها ته هو ملڪ کي سوين ڀيرا وڌيڪ تيزي سان ترقي ڏيارين ها. Continue Reading Share FacebookWhatsAppTwitterLinkedinInstagramEmailPinterest