اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي سرڪاري دوري لاءِ سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي.
وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل عاصم منير، بچاءَ وارو وزير خواجه آصف، سڌ سماءُ وارو وزير عطا الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي به سعودي عرب روانا ٿيا آهن.
دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان اهم ملاقات ڪندو، جنهن ۾ پاڪ ۽ سعودي جي ڀائراڻن لاڳاپن، ٻطرفي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
پرڏيهي آفيس موجب، دوري دوران علائقائي امن، سفارتي سهڪار ۽ گڏيل حڪمت عملي کي هٿي وٺرائڻ بابت به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي دوري دوران عمرو به ادا ڪندو ، جڏهن ته مديني شريف ۾ پاڻ سڳورن صه جي روضي تي حاضري به ڀريندو.
You might also like