حوثين جو ڳاڙهي سمنڊ ۾ سعودي آئل ٽينڪر تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو

يمن جي حوثي گروهه دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ڳاڙهي سمنڊ جي اترئين حصي ۾ سعودي آئل ٽينڪر ”وفا“ کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو.

بيان موجب، ٽينڪر سعودي شهر ينبع ويجهو ڳاڙهي سمنڊ ۾ نشانو بڻايو ويو.

حوثين موجب، 22 جولاءِ کان سعودي بحري ناڪابندي شروع ٿيڻ کانپوءِ هيل تائين 8 سعودي آئل ٽينڪر نشانو بڻايا ويا آهن، جڏهن ته 29 ٽينڪرن کي ڳاڙهي سمنڊ ۽ عربي سمنڊ ۾ اڳتي وڌڻ بدران واپس موٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.

You might also like