آمريڪي پابندين جي وڌندڙ دٻاءَ جي وچ ۾ ايران پنهنجي برآمدون جاري رکڻ لاءِ هڪ متبادل حڪمتِ عملي اختيار ڪندي پاڪستان جي بندرگاهن کي واپاري راهداري طور استعمال ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. ان رٿا تحت ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن کي ايراني شين جي ٻيهر برآمد (ري ايڪسپورٽ) لاءِ اهم مرڪز بڻائڻ تي غور هلي رهيو آهي.
ان سلسلي ۾ ايران جي صنعت، کاڻين ۽ واپار واري وزير سيد محمد اتابڪ اسلام آباد جي تازي دوري دوران پاڪستاني اختيارين سان ملاقاتن ۾ نه رڳو اها تجويز پيش ڪئي، پر ٻنهي ملڪن جي واپار جو مقدار وڌائي 10 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ جي امڪانن تي به خيال ونڊيو.
هي اڳڀرائي اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن آبناءِ هرمز مان سامونڊي اچ وڃ سخت متاثر ٿي رهي آهي. تازي اطلاعن موجب هن اهم سامونڊي لنگهه مان رڳو ٿورا جهاز ئي گذري سگهيا آهن، اهي به ايراني سامونڊي حدن جي ويجهو رهندي. ان صورتحال سبب ايران سامونڊي رستن تي ڀاڙڻ بدران متبادل زميني ۽ علائقائي واپاري رستن جي ڳولا ۾ آهي.
ٻئي پاسي عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي وڌيڪ دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ممڪن زميني ناڪابندي جي آپشن تي به غور ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن خيال آهي ته سامونڊي پابنديون پنهنجي حد تائين اثرائتيون ثابت ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته ماهرن جو چوڻ آهي ته ايران سان لڳندڙ ستن ملڪن جي ڊگهي زميني سرحدن کي مڪمل طور بند ڪرڻ انتهائي منجهيل ۽ عملي طور ڏکيو ڪم آهي، جيڪو رڳو سامونڊي نگراني کان گهڻو وڌيڪ مشڪل ثابت ٿي سگهي ٿو.
انهن سمورن حالتن جي پسمنظر ۾ پاڪستان سان واپاري سهڪار وڌائڻ ۽ متبادل رستا اختيار ڪرڻ بابت ايران جون ڪوششون نه رڳو خطي جي معاشي سرگرمين تي اثرانداز ٿي سگهن ٿيون، پر پاڪستان لاءِ به هڪ اهم سفارتي ۽ معاشي موقعي طور ڏٺيون پيون وڃن، جنهن جا ممڪن اثر ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ واضح ٿي سگهن ٿا.