پ پ کي فارم 47 واري حڪومت تي اعتراض آهي ته ڌار ٿي وڃي

لاهور/اسلام آباد(بيورو) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن شرجيل ميمڻ فارم 47 واري حڪومت تي اعتراض رکي ٿو ته پوءِ هو حڪومت کي ڇڏي ڌار ٿي وڃي ۽ پنجاب جي گورنر کي به چوي ته گورنر هائوس خالي ڪري.هن چيو ته شرجيل ميمڻ "مٺو مٺو هپ هپ ۽ ڪوڙو ڪوڙو ٿُو” واري روش اختيار نه ڪري. ايترو اڳتي نه وڃي، جو پوءِ واپس موٽڻ جو رستو ئي نه بچي. سندس چوڻ هو ته ڪشمير جي ماڻهن کي پيپلز پارٽي جي شڪايتن ۽ رڙين ۾ ڪا دلچسپي ناهي.عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو بيان ايندو ته ان جو کليل ۽ واضح جواب به ڏنو ويندو، ۽ جيڪڏهن قيادت بابت ڳالهه ڪئي ويندي ته ان جو به مناسب جواب ڏنو ويندو.هن چيو ته جنهن نظام جو پيپلز پارٽي پاڻ حصو آهي، هاڻي اهو ئي نظام ناڪام قرار ڏئي رهي آهي، جڏهن ته ان نظام اندر جيڪا ذميواري پيپلز پارٽي کي سونپي وئي، اها تباهي جو شڪار ٿي چڪي آهي.هوڏانهن اسلام آباد ۾ وفاقي وزير امير مقام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مسلم ليگ (ن) 45 مان 23 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري چڪي آهي، جڏهن ته 10 تاريخ تي چونڊن جي ٽئين مرحلي جي مڪمل ٿيڻ کان فوري پوءِ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويندو.هن ٻڌايو ته ٻئي مرحلي ۾ 20 سيٽن تي چونڊون ٿيون، جن مان مسلم ليگ (ن) 13 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي رڳو 3 سيٽون کٽي سگهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ عوامي مينڊيٽ سان هڪ جمهوري حڪومت قائم ٿيڻ وڃي رهي آهي.مسلم ليگ (ن) جي حڪومت عوام جا سمورا مسئلا حل ڪندي ۽ نواز شريف جيڪي واعدا ڪيا آهن، انهن تي مڪمل عمل ڪيو ويندو.راڻا ثناءُ الله الزام لڳايو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي سان گڏجي مظفرآباد جي هڪ چوڪ تي هنگاما ڪرائي، ۽ جڏهن پوليس پهتي ته فائرنگ پڻ ڪئي وئي.سندس چوڻ هو ته هڪ شخص جي فوت ٿيڻ کانپوءِ شهر ۾ خوف ۽ هراس جي فضا پيدا ڪئي وئي، جنهن سبب ووٽرن جي شرڪت گهٽ ٿي وئي ۽ مسلم ليگ (ن) شهر واري هڪ سيٽ تان محروم ٿي وئي.راڻا ثناءُ الله وڌيڪ الزام لڳايو ته چوڌري لطيف اڪبر تي قاتلاڻي حملي جو ڊرامو رچايو ويو.

You might also like