آمريتي طاقتن خلاف جمهوري قوتن کي متحد ٿيڻو پوندو

ڪنهن به جمهوري ملڪ جي سياسي استحڪام جو بنيادي اصول اهو هوندو آهي ته پارليامينٽ جي بالادستي کي تسليم ڪيو وڃي، عوام جي ووٽ جو احترام ڪيو وڃي ۽ اقتدار جي منتقلي آئين ۽ قانون موجب ٿئي. جڏهن سياسي جماعتون هڪ ٻئي جي چونڊيل مينڊيٽ کي قبول ڪن ٿيون ته جمهوريت مضبوط ٿيندي آهي، جڏهن ته هڪ ٻئي جي مينڊيٽ کي تڪراري بڻائڻ، سياسي ڇڪتاڻ کي وڌائڻ ۽ غير جمهوري قوتن کي مداخلت جا موقعا فراهم ڪرڻ سان جمهوريت ڪمزور ٿيندي آهي، پاڪستان جي سياسي تاريخ ان تلخ حقيقت جي شاهد آهي ته جڏهن به جمهوري قوتون پاڻ ۾ ورهائجي ويون آهن، تڏهن غير جمهوري قوتن کي مداخلت جو موقعو مليو آهي .

پاڪستان ۾ جمهوريت جو سفر هميشه آزمائشن سان ڀريل رهيو آهي. ملڪ ڪيترائي ڀيرا مارشل لا، غير آئيني قدمن ۽ سياسي مداخلتن جو تجربو ڪري چڪو آهي. هر اهڙي دور کان پوءِ سياسي جماعتن اهو عزم ورجايو ته هاڻي هو جمهوريت جي حفاظت لاءِ گڏجي بيهنديون، هڪ ٻئي جي چونڊيل مينڊيٽ جو احترام ڪنديون ۽ ڪنهن به غير جمهوري مداخلت جي گڏيل مزاحمت ڪنديون. افسوس جو عملي سياست ۾ اهي واعدا گهڻو وقت قائم نه رهي سگهيا. حڪومت ۾ هجي يا اپوزيشن ۾، سياسي جماعتون اڪثر هڪ ٻئي خلاف اهڙي سياست اختيار ڪنديون رهيون آهن.

سو جمهوريت صرف آئين ۾ لکيل شقن سان محفوظ نٿي رهي، پر ان لاءِ سياسي بالغ نظري، برداشت ۽ گڏيل اعتماد جي به ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن چونڊن کان پوءِ هر پارٽي مخالف ڌر جي مينڊيٽ کي جعلي قرار ڏئي يا سياسي تڪرارن کي اهڙي سطح تائين وٺي وڃي، جتي غير جمهوري طاقتون سياسي معاملن ۾ ڇڪجي اچن، ته ان جو نقصان آخرڪار سموري جمهوري نظام کي ٿيندو آهي.

هن وقت ملڪ ۾ نون صوبن بابت ٿيندڙ بحث ۽ ان حوالي سان سياسي موقف سامهون اچي رهيا آهن. حڪمران اتحاد ۾ شامل جماعتون، خاص طور تي مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي، هن معاملي تي هڪجهڙو موقف رکن ٿيون ته ملڪ ۾ نون صوبن جي حوالي سان ڪنهن به فيصلي لاءِ قومي اتفاق راءِ، آئيني گهرجن ۽ وفاقي مفادن کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ٻنهي جماعتن جو هن اهم معاملي تي موقف هڪجهڙو آهي ته پوءِ ان کي رڳو بيانن تائين محدود رکڻ بدران گڏيل سياسي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جون سڀئي جمهوري جماعتون هڪ گڏيل قومي ڪانفرنس سڏائن، جنهن ۾ نه رڳو نون صوبن جي مسئلي تي پنهنجو واضح موقف پيش ڪن، پر جمهوريت جي تحفظ، آئين جي بالادستي، چونڊيل ادارن جي احترام ۽ سياسي معاملن ۾ ڪنهن به غير جمهوري مداخلت جي مخالفت بابت گڏيل پڌرائي پڻ جاري ڪن. اهڙي قومي ڪانفرنس عوام ڏانهن اهو مضبوط پيغام موڪليندي ته جمهوري قوتون اختلافن باوجود قومي مفادن تي متحد آهن. جمهوري معاشرن ۾ اختلاف ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي. حڪومت ۽ اپوزيشن جا پنهنجا پنهنجا سياسي نظريا، منشور ۽ ترجيحات هونديون آهن، پر جڏهن ڳالهه آئين، پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي بقا جي اچي ته پوءِ سڀني جماعتن کي هڪ آواز ٿيڻ گهرجي. دنيا جي ڪيترن ئي جمهوري ملڪن ۾ اهڙا مثال موجود آهن، جتي سخت سياسي اختلافن باوجود قومي مفادن تي گڏيل موقف اختيار ڪيو ويو آهي.

جيڪڏهن ڪنهن به سياسي ڌر کي اهو احساس ٿئي ٿو ته چونڊيل حڪومتن يا جمهوري عمل ۾ غير جمهوري مداخلت ٿي رهي آهي ته ان جو سڀ کان مناسب فورم پارليامينٽ آهي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ئي اهي آئيني ادارا آهن، جتي اهڙن معاملن تي بحث ٿي سگهي ٿو، قراردادون پيش ڪري سگهجن ٿيون ۽ قومي راءِ جو اظهار ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن مخصوص شخص يا اداري بابت ڪنهن سياسي جماعت کي سنجيده آئيني يا سياسي اعتراض آهن ته انهن کي به آئيني ۽ پارلياماني طريقي سان اٿارڻ گهرجي، جيئن معاملا جمهوري ادارن جي دائري اندر ئي حل ٿين.

عوام به هاڻي اهڙي سياسي ڏسڻ چاهي ٿو، جتي سياسي پارٽيون الزام تراشي، نفرت ۽ ٽڪراءَ بدران قومي مسئلن تي گڏجي ويهن. معيشت، امن امان، تعليم، صحت، پاڻي، توانائي ۽ وفاقي هم آهنگي جهڙا مسئلا سياسي تڪرارن کان وڌيڪ اهم آهن. جيڪڏهن سياسي قوتون پنهنجو وقت هڪ ٻئي کي ڪمزور ڪرڻ بدران عوامي مسئلن جي حل تي خرچ ڪن ته ملڪ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿي سگهي ٿو.

انهيءَ پسمنظر ۾ حڪمران اتحاد ۽ اپوزيشن ٻنهي تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. جيڪڏهن اهي واقعي جمهوريت جي مضبوطي چاهين ٿا ته پوءِ کين اهو ثابت به ڪرڻو پوندو. گڏيل سياسي حڪمت عملي پارليامينٽ ۾ سنجيده بحث، آئين جي بالادستي بابت گڏيل قراردادون ۽ هڪ ٻئي جي چونڊيل مينڊيٽ جي احترام جو عملي اظهار ئي جمهوريت کي مضبوط بڻائي سگهي ٿو. پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار مضبوط جمهوري ادارن، آزاد ۽ منصفاڻين چونڊن، آئين جي بالادستي ۽ سياسي بالغ نظري تي آهي. جمهوري قوتن کي ماضي جي تلخ تجربن مان سبق سکندي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته هو اختلافن کي جمهوريت جي دائري اندر رهندي حل ڪندا، هڪ ٻئي جي عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪندا ۽ ڪنهن به غير آئيني يا غير جمهوري مداخلت جي مخالفت لاءِ گڏيل آواز بڻجندا. جيڪڏهن سياسي قيادت هن اصول تي اتفاق ڪري ٿي ته نه رڳو جمهوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي، پر عوام جو سياسي نظام تي اعتماد پڻ بحال ٿيندو، جيڪو ڪنهن به جمهوري رياست جي سڀ کان وڏي طاقت هوندو.

You might also like