”ريتڪ! اسان کي معاف ڪر“، ڪنگنا رناوت ۽ ريتڪ روشن جو پراڻو تڪرار ٻيهر ڪر کڻڻ لڳو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار ريتڪ روشن ۽ ڪنگنا رناوت وچ ۾ هڪ ڏهاڪي کان پراڻو تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سوشل ميڊيا تي ”وي نيڊ ٽو اپالوجائز ٽو ريتڪ “ (اسان کي ريتڪ کان معافي وٺڻ گهرجي) نالي ٽرينڊ تيزيءَ سان وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي اسٽارز جي پراڻي ڇڪتاڻ ٻيهر تازي ٿي وئي.
ريتڪ روشن ٽرينڊ تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڪنهن هڪ ڌر جي حمايت رڳو ان ڪري نه ڪرڻ گهرجي جو ٻي ڌر کي ماڻهو ناپسند ڪرڻ لڳا آهن، ڪنهن به نتيجي تي پهچڻ کان اڳ مڪمل حقيقتن جو اوسيئڙو ڪرڻ گهرجي.
ٻئي پاسي ڪنگنا رناوت انسٽاگرام اسٽوري ذريعي ريتڪ جي بيان تي ردعمل ڏيندي مطالبو ڪيو ته هوءَ اهڙن ماڻهن جي به مذمت ڪري، جيڪي سندس نالي تي کيس آن لائن ٽرول ۽ هراسان ڪري رهيا آهن.
ڪنگنا چيو ته اهڙا بيان غير ضروري آهن ۽ ريتڪ جي موجودا ساٿي صبا آزاد لاءِ به شرمساريءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
ياد رهي ته ريتڪ روشن ۽ ڪنگنا رناوت وچ ۾ تڪرار 2016ع ۾ شروع ٿيو هو، جڏهن ڪنگنا هڪ انٽرويوءَ دوران ريتڪ کي پنهنجو ”سِلي ايڪس“ قرار ڏنو هو، جنهن کانپوءِ ٻنهي وچ ۾ قانوني نوٽيسن، اي ميلن، پوليس جاچ ۽ ميڊيا تي سخت بيانبازي جو ڊگهو سلسلو جاري رهيو.

 

You might also like