ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي ٻن ڌڙن وچ ۾ گذريل رات شروع ٿيل ڇڪتاڻ کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري بهادر آباد مرڪز پهچي وئي، جتي پارٽي اڳواڻن پوليس کي آفيس سيل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ شبير قائمخاني چيو ته پوليس رڳو زباني حڪمن تي بهادر آباد مرڪز سيل ڪرڻ لاءِ آئي هئي، جڏهن ته هنن پوليس کان آفيس بند ڪرڻ بابت لکت ۾ حڪم يا نوٽيفڪيشن جي گُهر ڪئي.
واضح رهي ته گذريل رات ايم ڪيو ايم جي بهادر آباد مرڪز تي خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال گروپن جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن کانپوءِ صورتحال ڇڪتاڻ جو شڪار بڻيل آهي.
You might also like