لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته جيڪڏهن شرجيل ميمڻ ميثاقِ جمهوريت کي نظرانداز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته ڪاوڙ هڪ طرفي ناهي، جيڪڏهن قيادت تي ڳالهيون ڪيون وينديون ته اسان به کليل نموني جواب ڏينداسين.
هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اها جماعت آهي، جيڪا ان ڳالهه تي ڪاوڙبي آهي ته ووٽر ٽرن آئوٽ ايترو وڌيڪ ڇو ٿيو.
هن شرجيل ميمڻ جي فارم 47 بابت بيانن تي ردعمل ڏيندي سوال ڪيو ته سنڌ حڪومت ۽ پنجاب جون ڪجهه سيٽون به ڇا فارم 47 يا ”خيراتي مينڊيٽ“ سان کٽيون ويون؟
عظميٰ بخاري چيو ته جيڪڏهن ڪو سيٽن کي رد ڪري ۽ صدر پاڪستان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ته ان جو جواب ڏيڻ ضروري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سانگهڙ ۽ ميرپور ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ نه ملڻ جون ڳالهيون به سامهون آيون، جڏهن ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم سان ماضي ۾ ڇا ٿيو، اهو سڀني کي خبر آهي.
پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير چيو ته شرجيل ميمڻ جيڪڏهن ”گلو بٽن“ جو ذڪر ڪري ٿو ته اسان وٽ به جواب موجود آهي، اسان به رحمان ڊڪيت ۽ عزير بلوچ جهڙن ڪردارن بابت ڳالهائي سگهون ٿا ۽ ٻڌائي سگهون ٿا ته ماضي ۾ ڇا ٿيو.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو سسٽم جي ناڪامي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، انهن کي پنهنجي وزارتن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي به ڏسڻ گهرجي.
عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهڙيون ڳالهيون قيادت جي سطح تان ٿين ها ته معاملو مختلف هجي ها، پر جنهن نظام جو حصو آهيو، ان خلاف ڳالهائڻ غيرسنجيدگي آهي.
گُلو بٽن جو ذڪر ڪندئو ته اسان به رحمان ڊڪيت ۽ عزير بلوچ بابت ڳالهائينداسين“عظميٰ بخاري جو شرجيل ميمڻ کي جواب
You might also like