نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار فاسٽ بالر جسپريت بُمرا زخمي ٿيڻ سبب سريلنڪا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو، جڏهن ته سندس جاءِ تي ڄمون ۽ ڪشمير سان تعلق رکندڙ فاسٽ بالر عاقب نبي کي پهريون ڀيرو ڀارتي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ( بي سي سي آءِ ) موجب، بُمرا انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز دوران کاٻي گوڏي جي انجري کانپوءِ مڪمل فٽنيس حاصل نه ڪري سگهيو، جنهن سبب هو سريلنڪا سيريز لاءِ دستياب نه هوندو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب،29 ورهين جي عاقب نبي مسلسل ٻن شاندار رنجي ٽرافي سيزنن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي.
هن ٻن سيزنز دوران 104 وڪيٽون ورتيون، جن مان 2025-26ع جي سيزن ۾ 60 وڪيٽون شامل هيون، جتي هن ڄمون ۽ ڪشمير کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رنجي ٽرافي جو ٽائيٽل کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
عاقب نبي ويجهڙ ڀارت اي ٽيم سان سريلنڪا جي دوري دوران به متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي ڏيکاري، جتي هن ٻن چئن ڏينهن وارين ميچن ۾ 6 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته پهرين ميچ جي پهرين اننگز ۾ 58 رنسون ڏئي 4 شڪار ڪيا هئا.
ٻئي پاسي جسپريت بُمرا جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ واپسي وڌيڪ دير جو شڪار ٿي وئي آهي.
ان کان اڳ به ورڪ لوڊ مئنيجمينٽ تحت کيس اهم سيريزن ۽ ميچن ۾ کيڏايو پئي ويو، ڇاڪاڻ ته هو آسٽريليا ۾ بارڊر-گواسڪر ٽرافي دوران پٺي انجريءَ مان صحتياب ٿي رهيو هو.
سريلنڪا خلاف ڀارتي ٽيم جي اڳواڻي شُڀمَن گِل ڪندو، جڏهن ته ڪي ايل راهول نائب ڪپتان هوندو، ان کانسواءِ ساءِ سدرشن جي شموليت به فٽنيس ڪليئرنس سان مشروط آهي.
ڀارتي ٽيم کي وڏو ڌڪ، بمرا سريلنڪا خلاف سيريز مان ٻاهر، ڄمون ڪشمير جو عاقب نبي اسڪواڊ ۾ شامل
You might also like