ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته صوبي جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ هفتي جا 6 ڏينهن تدريسي سرگرميون جاري رهنديون.
ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي جا سمورا سرڪاري ۽ خانگي اسڪول پهرين آگسٽ کان کلي ويا آهن ۽ تدريسي عمل هفتي جا 6 ڏينهن جاري رهندو.
تنهن هوندي، هاڻي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم تي تعليم کاتي جي نوٽيفڪيشن بابت وضاحت جاري ڪئي آهي.
سردار علي شاهه موجب، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي جاري ڪيل اعلاميي مطابق صوبي جا سمورا سرڪاري اسڪول پهرين آگسٽ 2026ع کان هفتي جا 6 ڏينهن تدريسي سرگرميون جاري رکندا.
هن وڌيڪ چيو ته خانگي تعليمي ادارن تي سرڪاري اسڪولن جي هفتيوار اوقاتِ ڪار لاڳو نه هوندي، اهي پنهنجي پاليسي موجب اسڪولن جا ڏينهن ۽ وقت مقرر ڪرڻ جا مجاز هوندا.