ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ سان برسات جو امڪان

ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران آسمان گهڻو ڪري ڪڪر آلود رهڻ ۽ گجگوڙ سان برسات پوڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب شهر ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران هلڪي کان وچولي شدت واري برسات ٿي سگهي ٿي.

موسميات کاتي جي اختيارين موجب اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28.8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

هن وقت شهر ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 78 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڏکڻ اولهه کان سامونڊي هوائون 11 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.

You might also like