ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گئس جي بدبوءِ بابت ايس ايس جي سي جو بيان سامهون اچي ويو.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گئس جي تيز بو پکڙجڻ بابت شڪايتن کانپوءِ سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) پنهنجو بيان جاري ڪيو آهي.
ايس ايس جي سي جي ترجمان موجب، ابوالحسن اصفهاني روڊ تي نئين گئس پائيپ لائين جي گذريل ڏينهن ٽيسٽنگ ڪئي وئي، جنهن دوران گئس جي بو پيدا ڪندڙ ڪيميائي مادو معمول کان وڌيڪ مقدار ۾ شامل ٿي ويو.
ترجمان چيو ته ان سبب شهر جي مختلف علائقن مان گئس ليڪيج بابت شڪايتون وصول ٿي رهيون آهن.
ايس ايس جي سي موجب، گئس سسٽم جو سمورو پريشر معمول مطابق آهي ۽ ڪنهن به هنڌ گئس ليڪيج جي تصديق ناهي ٿي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته محسوس ٿيندڙ گئس جي بدبوءِ رڳو ٽيسٽنگ دوران ڪيميائي مادو وڌيڪ شامل ٿيڻ سبب پيدا ٿي آهي، تنهن ڪري واهپيدار بنا ڪنهن پريشاني جي پنهنجا روزمره جا ڪم معمول موجب جاري رکن.