محسن نقوي نوان صوبا ٺاهڻ وارو بيان صدر زرداري سان ملاقات کانپوءِ ڏنو آهي: نثار کهڙو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نثار کوهڙو چيو آهي ته تڪراري بيانن ذريعي ملڪ جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پهرين صدر سان ملاقات ڪئي ۽ ان کانپوءِ تڪراري بيان ڏنو، اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه سان ملڪ جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا هڪ سازش آهي.

نثار کوهڙو وڌيڪ چيو ته هڪ خطرناڪ سازش رٿي پئي وڃي. ڇا 22 صوبا ٺاهي 22 وڏا وزير گهرجن؟ سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڪندڙن کي عوام جي سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو.

هوڏانهن سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته جڏهن سنڌ جا ماڻهو ۽ چونڊيل نمائندا چون ٿا ته نوان صوبا نه ٺهڻ گهرجن، ته پوءِ نوان صوبا نه ٺهڻ گهرجن.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي ۾ نون صوبن بابت ٺهراءُ منظور ٿيو آهي ته ان جو مطلب آهي ته اتي جا ماڻهو نوان صوبا چاهين ٿا، تنهن ڪري جيڪڏهن اتي ضرورت هجي ته پنجاب ۾ صوبا ٺهن.

You might also like