اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشمير جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي ٽرٿ ڪميشن قائم ڪرڻ بابت منهنجي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سندس خط جي جواب ۾ ٽرٿ ڪميشن جي قيام بابت پنهنجي تجويز موڪلي آهي.
هن چيو ته هر قيمتي انساني جان جو زيان ٿيڻ قومي سانحو آهي، ۽ هن وقت سندس پهرين ترجيح هاڻوڪي بحران جو خاتمو، عوام کي فوري رليف فراهم ڪرڻ ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جلد کان جلد معمول جي زندگي بحال ڪرڻ آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته هو ان ڳالهه جي آجيان ڪري ٿو ته ايڪشن ڪميٽي تجويز ڪيل ڪميشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ ممڪن اداراتي رستي طور قبول ڪرڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته ان ڪميشن جي توثيق آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي پڻ ڪري چڪي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هو ايڪشن ڪميٽي جي تجويز جو به غور سان جائزو وٺندو ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سان پڻ صلاح مشورو ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداري موجب، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم وفاقي حڪومت ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان شروعاتي راءِ حاصل ڪندو ته جيئن اهو طئي ڪري سگهجي ته ڪنهن گڏيل ۽ متفقه تجويز کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گڏيل بنياد موجود آهي يا نه.