ڪراچي(ويب ڊيسڪ)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان ۾ خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال گروپن وچ ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن.
صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته بهادرآباد ۾ پارٽي اڳواڻن جي اجلاس کانپوءِ اختلاف سامهون آيا، جتي ايم پي اي اعجاز الحق ۽ اڳواڻ ذاڪر سان ٻئي گروپ جي ڪارڪنن جهيڙو ٿي پيو.
هن وڌيڪ چيو ته منگلا شرما ۽ سبين غوري سان پڻ بدتميزي ڪئي وئي.
هوڏانهن بهادرآباد ڀرسان مڇريل ماڻهن هوائي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته ڪارڪنن هڪ ٻئي خلاف نعريبازي ۽ پٿراءُ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ امين الحق چيو ته ٻئي گروپ جي ڪارڪنن وڏي پيماني تي هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب سندن هڪ ڪارڪن زخمي ٿيو، جڏهن ته پٿراءَ ۾ به ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيا.
هن چيو ته پارٽي آفيس اندر سخت ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي آهي ۽ ڊي وي آر به پاڻ سان کڻي ويا آهن، هاڻي اهو معاملو وڌيڪ اهڙي ريت هلائڻ ممڪن ناهي.