سوات ۾ آپگهاتي ڌماڪو، 6 پوليس اهلڪارن سميت 15 ڄڻا شهيد، 10 زخمي

سوات جي علائقي ڪبل ۾ پوليس اسٽيشن جي در ڀرسان ٿيل هڪ آپگهاتي ڌماڪي ۾ 6 پوليس اهلڪارن سميت 15 ڄڻا شهيد ۽ 10 زخمي ٿي پيا.

خيبرپختونخوا پوليس موجب شروعاتي جاچ مان ثابت ٿيو آهي ته اهو هڪ آپگهاتي حملو هو.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان آپگهاتي حملي آور جو مٿو هٿ آيو آهي، جڏهن ته شروعاتي شاهدين مان ظاهر ٿئي ٿو ته حملي آور افغان شهري هو.

آءِ جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب واقعي کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڌماڪي جي نوعيت بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيو آهي.

ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي علاج لاءِ سينٽرل اسپتال سوات منتقل ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف ڪبل، سوات ۾ ٿيل خودڪش ڌماڪي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي ڪئي، جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.

خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي پڻ ڪبل، سوات ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي آءِ جي خيبرپختونخوا کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي.

وڏي وزير سهيل آفريدي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن ۽ شهرين جي وارثن سان به تعزيت جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته خيبرپختونخوا پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ وڏيون قربانيون ڏئي رهي آهي ۽ امن جا دشمن پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به سوات جي ٿاڻي ڪبل ڀرسان ٿيل آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي قيمتي انساني جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو.

محسن نقوي چيو ته پوليس جي بهادر جوانن پنهنجي جان قربان ڪري آپگهاتي بمبار کي ٿاڻي اندر داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. هن چيو ته ٻين جون زندگيون بچائڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪندڙ پوليس اهلڪارن فرض شناسي جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي، ۽ شهيد پوليس اهلڪارن جي قربانين کي سلام پيش ڪريان ٿو.

You might also like